Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 69:26 - Sindhi Bible

26 ڇالاءِ تہ جنهن کي تو ڌڪ هنيو آهي تنهن کي اهي ستائين ٿا، ۽ جنهن کي تو ڦٽيو آهي تنهن جي غم بابت ڳالهيون ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 ڇوجو هو تن کي ئي ستائين ٿا جن کي تو سزا ڏني آهي، ۽ تن جي ئي ڦٽن تي لوڻ ٿا ٻرڪن جن کي تو زخمي ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 69:26
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خداوند جو هڪڙو نبي اتي هو، جنهن جو نالو عودد هو: ۽ هو سامريہ ڏانهن ايندڙ لشڪر کي وڃي گڏيو ۽ انهن کي چيائين تہ ڏسو، خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا يهوداہ تي ڪاوڙيل هو، تنهنڪري هن انهن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏنو آهي ۽ اوهان انهن کي اهڙي ڪاوڙ سان ڪُٺو آهي، جا آسمان تائين وڃي پهتي آهي.


اهڙا ماڻهو جو ڪو بہ مددگار ڪونهي، سي منهنجي واٽ بگاڙين ٿا، ۽ منهنجي مصيبت وڌائين ٿا.


انهي لاءِ جو هن رحم ڪرڻ جي يادگيري نہ رکي، پر غريبن ۽ محتاجن ۽ دل شڪستن کي ستايائين، تہ کين قتل ڪري.


انهي هوندي بہ خداوند جي مرضي ٿي تہ هن کي چٿي؛ انهيءَ هن کي ڏکي ڪيو: جڏهن هن جي جان گناهہ جي لاءِ قربان ڪئي ويندي، تڏهن هو پنهنجو نسل ڏسندو ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، ۽ خداوند جي مرضي هن جي هٿان پوري ٿيندي.


يقين، هن اسان جا ڏک سٺا آهن، ۽ اسان جا غم کنيا اٿس: انهي هوندي بہ اسان هن کي خدا جو ماريل ڪٽيل ۽ ستايل سمجهيو،


۽ آءٌ انهن قومن تي تمام ناراض آهيان جي آرام ۾ آهن؛ ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ ٿورو ئي ناراض هوس، تہ هنن برائي ڪري گهڻي مار ڪٽ ڪئي.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ترار منهنجي ريڍار جي، يعني انهيءَ انسان جي، جو منهنجو رفيق آهي، تنهن جي برخلاف اُٿ، ۽ ريڍار کي ڌڪ هڻ، تہ رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وڃن: ۽ آءٌ ننڍن تي بہ هٿ هلائيندس.


۽ جن خداوند يسوع کي توڙي نبين کي ماري وڌو، ۽ اسان کي بہ ستائي لوڌي ڪڍيائون، اُهي خدا کي نٿا وڻن ۽ سڀني ماڻهن جي برخلاف آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ