Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 69:20 - Sindhi Bible

20 طعنن منهنجي دل ڀڃي ڇڏي آهي؛ آءٌ ڏاڍو غمگين ۽ ڏکي آهيان: مون پئي نهاريو تہ من ڪو مون تي ڪهل ڪري، پر ڪو ڪونہ هو؛ من ڪو مون کي دلاسو ڏي، پر ڪوبہ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 مهڻن منهنجي دل ڀڃي وڌي آهي، ۽ آءٌ ڏاڍو غمگين ٿي پيو آهيان. مون واجھايو پئي تہ من ڪنهن کي ڪهل پوي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو. مون ڏٺو پئي تہ من ڪو مون کي دلاسو ڏئي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ مليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 69:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌيون آهن: اوهين سڀ نڪما تسلي ڏيندڙ آهيو.


جيڪي آرام ۾ آهن تن جون ٺٺوليون، ۽ جيڪي مغرور آهن تن جي حقارت سهي، اسان جي جان ٿڪجي پيئي آهي.


منهنجي ساڄي هٿ ڏانهن نهار ۽ ڏس؛ ڇو جو اهڙو ڪوئي ڪونهي جو مون کي سڃاڻي: مون لاءِ ڪا پناهہ ڪانهي؛ ڪنهن کي منهنجي جان جو فڪر ڪونهي.


جڏهن منهنجا دشمن مون کي طعنا هڻي سڄو ڏينهن پيا چون تہ تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ تڏهن ڄڻ تہ منهنجين هڏين ۾ ترار ٿي چُڀي.


اي منهنجا خدا منهنجي جان مون ۾ ڍرڪي پيئي آهي: تنهن ڪري آءٌ يردن جي ملڪ مان، ۽ حرمون ۽ مصغار جي جبل تان توکي ياد پيو ڪريان.


مون نهاريو، پر ڪوبہ مدد ڪرڻ وارو ڪونہ هو؛ ۽ مون کي عجيب لڳو تہ سنڀال ڪرڻ وارو ڪوبہ ڪونهي: تنهن ڪري خود منهنجيءَ ٻانهن نجات آندي؛ ۽ منهنجيءَ ڪاوڙ مون کي غيرت ڏني.


پر هي سڀ انهي ڪري ٿيو آهي تہ نبين جون لکيتون پوريون ٿين. تڏهن سندس سڀ شاگرد کيس ڇڏي ڀڄي ويا.


۽ هو موٽي آيو ۽ اچي هنن کي سُتل ڏسي، پطرس کي چيائين، تہ اي شمعون، تون بہ سمهيو پيو آهين؟ هڪڙي گهڙي بہ سجاڳ رهي نٿو سگهين؟


پوءِ سڀ شاگرد کيس ڇڏي ڀڄي ويا.


هاڻي منهنجي جان پريشان ٿي ٿئي، ۽ آئون ڇا چوان؟ اي بابا، هن گهڙيءَ کان مون کي بچاءِ. پر انهيءَ سبب تہ آئون هن گهڙيءَ کي رسيو آهيان.


ڏسو، اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ آئي آهي، جو اوهين ٽڙي پکڙي هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويندو، ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا: تہ بہ آئون اڪيلو نہ آهيان، ڇالاءِ جو پيءُ مون سان آهي.


ٻين جي وري هن طرح آزمائش ٿي، جو مٿن کل ٺٺولي ڪيائون، کين چهبڪ هنيائون، بلڪ ٻيڙيون وجهي قيد ۾ بند ڪيائون:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ