18 منهنجي ويجهو اچي منهنجيءَ جان کي ڇڏاءِ: منهنجي دشمنن کان مون کي ڇوٽڪارو ڏي.
18 اي خدا! اچ، اچي منهنجي جان ڇڏاءِ، ۽ منهنجي دشمنن کان مون کي بچاءِ.
يا مون کي دشمن جي هٿان ڇڏايو؟ يا ظالمن جي هٿان منهنجي جند آزاد ڪرايو؟
اي خداوند، تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ ۽ ڏکيءَ ويل تون پاڻ کي ڇو ٿو لڪائين؟
هن پنهنجي اُمت جي لاءِ ڇوٽڪارو موڪليو؛ ۽ پنهنجو عهد هميشہ جي لاءِ مقرر ڪيو اٿس: هن جو نالو پاڪ ۽ ادب جي لائق آهي.
اي خداوند مون کي جلد جواب ڏي؛ منهنجو روح ماندو ٿو ٿئي، مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ متان آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر ۾ ٿا پون.
اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مونکي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ تون منهنجي مدد ڪرڻ کان ۽ منهنجون دانهون ٻڌڻ کان ڇو پاسي ٿيو آهين؟
گهڻن ڏاندن مونکي گهيريو آهي: ۽ بسن جا زوراور ڏاند منهنجي چوڌاري ڦري آيا آهن.
پر اي خداوند، تون مون کان پري نہ ٿيءُ؛ اي منهنجي طاقت سگهو اچي مون کي مدد ڏي.
منهنجيءَ جان کي ترار کان؛ ۽ منهنجي پياري جان ڪتي جي چنبي کان ڇڏاءِ.
مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ ۽ غصي ۾ پنهنجي ٻانهي کي لوڌي نہ ڪڍ: تون ئي منهنجو مددگار آهين؛ اي منهنجي نجات جا خدا، مون کي پري نہ ڪر، نڪي مونکي ڇڏي ڏي.
اي خداوند سچائيءَ جا خدا، آءٌ پنهنجو روح تنهنجن هٿن ۾ ٿو سونپيان: توئي مونکي ڇوٽڪارو ڏنو آهي.
پر خدا منهنجيءَ جان کي قبر جي هٿ مان ڇڏائيندو: ڇو جو اهو ئي مون کي قبول ڪندو.
اي اسرائيل جا آسرا، مصيبت جي وقت انهي جا بچائيندڙ، ڇالاءِ تون هن ملڪ ۾ پرديسيءَ وانگي ٿو رهين، ۽ انهي مسافر وانگي، جو هڪ رات لاءِ ٽڪي؟
جنهن ڏينهن مون توکي سڏ ڪيو انهيءَ ڏينهن تون مون کي ويجهو آئين: تو چيو تہ ڊڄ نہ.
پر مون کي دشمن جي چيڙائڻ جو خيال ٿيو، تہ متان انهن جا مخالف اُبتو سمجهن، ۽ چون تہ اسين پنهنجي هٿ سان سرفراز ٿيا آهيون، ۽ خداوند هي سڀ نہ ڪيو آهي.
ڇالاءِ جو ڪنعاني، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري گهيري ويندا، ۽ زمين تان اسان جو نالو ئي ميٽجي ويندو: پوءِ تون پنهنجي وڏي نالي لاءِ ڇا ڪندين؟