1 اي خدا مون کي بچاءِ؛ ڇو جو پاڻي منهنجيءَ جان تائين اچي پهتو آهي.
1 اي خدا! تون مون کي بچاءِ، ڇوجو پاڻي منهنجي ڳچيءَ تائين اچي پهتو آهي.
يا اهڙي اونداهي، جا تون ڏسي نٿو سگهين، ۽ بي انداز پاڻي توکي ڍڪيو ڇڏي.
موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون، ۽ بي دينيءَ جي لهرن مونکي ڊيڄاري ڇڏيو.
انهي ڪري هرڪو ديندار تنهنجي ملڻ وقت توکان دعا گهرندو: ۽ سچ پچ جڏهن وڏا پاڻي چڙهندا تڏهن انهيءَ تائين ڪين پهچندا.
تنهنجي آبشار جي آواز تي اونهائي اونهائيءَ کي ٿي سڏي: تنهنجون سڀ لهرون ۽ ڇوليون مون تي چڙهي ويون آهن.
منهنجي دل هڪڙي چڱي مضمون سان ٽمٽار آهي: جيڪي مون بادشاهہ جي بابت ٺاهيو آهي تنهنجو آءٌ بيان ٿو ڪريان: منهنجي زبان هڪڙي قابل ڪاتب جو قلم آهي.
اي خدا تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، تو اسان کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي؛ تون ناراض ٿيو آهين؛ تون وري اسان کي بحال ڪر.
آءٌ اونهيءَ گپ ۾ گپندو ٿو وڃان، جنهن ۾ بيهڻ جي ڪا جاءِ ڪانهي: آءٌ اونهي پاڻيءَ ۾ اچي پيو آهيان، ۽ پاڻيءَ جي اُٿل منهنجي مٿان لنگهيو ٿي وڃي.
اي اسرائيل جا ڌنار، تون جو ڌڻ وانگي يوسف جي رهبري ٿو ڪرين، ڪن ڏيئي ٻڌ: تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين، پنهنجو نور چمڪاءِ.
آءٌ عدالت کي ڏور ۽ سچائيءَ کي شاهد ڪندس: ۽ ڳڙا ڪوڙ جي پناهہ ٻهاري ويندا، ۽ پناهہ جي جاءِ جي مٿان پاڻي اُٿلي ايندو.
جڏهن تون پاڻيءَ مان لنگهندين تڏهن آءٌ تو سان هوندس؛ ۽ جڏهن ندين مان لنگهندين، تڏهن اهي توتي اُٿلي نہ پونديون: جڏهن تون باهہ مان لنگهندين، تڏهن نہ سڙندين؛ نڪي تو تي مچ ٻرندو.
منهنجي مٿي تان پاڻي وهي ويا؛ مون چيو تہ آءٌ وڍجي ويو آهيان.
پوءِ هن مون کي چيو تہ جيڪي پاڻي تو ڏٺا، ۽ جن تي اُها ڪسبياڻي ويٺي هئي، سي اُمتون، ميڙاڪا، قومون ۽ ٻوليون آهن.