Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 68:2 - Sindhi Bible

2 جيئن دونهون اُڏاميو وڃي تيئن انهن کي اُڏائي ڇڏ: جيئن ميڻ باهہ تي پگهريو وڃي، تيئن بدڪار خدا جي سامهون فنا ٿي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 جيئن دونهون اُڏامي وڃي ٿو تيئن شل هو کين اُڏائي ڇڏي! خدا آڏو بڇڙا شل ائين فنا ٿين جيئن ميڻ باهہ تي رجي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 68:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوآب ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي ارامين سان وڙهڻ لاءِ رڙهي ويجها ٿيا: ۽ هو سندن اڳيان اُٿي ڀڳا.


نيٺ ارامي اسرائيل جي اڳيان ڀڄي ويا؛ ۽ دائود ارامين جا ست سؤ گاڏين وارا، ۽ چاليهہ هزار گهوڙي سوار قتل ڪيا، ۽ سندس سپهہ سالار سوبڪ کي اهڙو ڌڪ هنيائين جو هو اتي ئي مري ويو.


آءٌ پاڻيءَ وانگي پيو هارجان، ۽ منهنجون سڀ هڏيون سنڌن مان نڪري ويون آهن: منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي اندر ۾ پگهري ويئي آهي.


پر بڇڙا ماڻهو برباد ٿي ويندا، ۽ خداوند جا دشمن ساوڪ ۽ گاهہ وانگر نابود ٿي ويندا؛ اهي دونهين وانگر اُڏامي ويندا.


رڳو تو کان ئي ڊڄڻ گهرجي: جڏهن تون ڪاوڙبين تڏهن ڪير تنهنجي اڳيان بيهي سگهندو.


اها باهہ ۾ سڙي ويئي آهي، ۽ وڍجي ويئي آهي: اُهي تنهنجي منهن جي ڇينڀ ڪري تباهہ ٿا ٿين.


خداوند جي حضور ۾، يعني ساريءَ زمين جي خداوند جي حضور ۾ جبل ميڻ وانگي پگهري ويا.


هنگامي جي گوڙ تي ماڻهو ڀڄي ويا آهن؛ ۽ تنهنجي اُٿڻ تي قومون پکڙجي ويون آهن.


جيئن باهہ سڪل ٻوڙن کي ساڙي ٿي، ۽ پاڻي باهہ تي ٽهڪي ٿو؛ تيئن تون پنهنجن دشمنن ۾ پنهنجو نالو مشهور ڪر، ۽ قومون تنهنجي حضور ۾ ڏڪن؛


ڇالاءِ جو شرارت باهہ وانگي ساڙي ٿي، اها ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا کايو وڃي؛ هائو اها ٻيلي جي گهاٽن ٻوڙن کي ڀڙڪائي ٿي، ۽ اهي دونهين جي گهاٽن ڪڪرن ۾ ڦرندا مٿي چڙهي وڃن ٿا.


ڇو تنهنجا مضبوط ماڻهو ٻهارجي ويا آهن؟ هو بيٺا ئي ڪين، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي هڪالي ڪڍيو.


تنهنڪري هو صبح جي بادل وانگي ٿيندا، ۽ انهي ماڪ وانگر جا سوير ئي گم ٿي وڃي ٿي، ۽ انهن تهن وانگر جي واچوڙي سان اَن ڳاهڻ جي پڙ تان اُڏامي وڃن ٿا، ۽ بخاريءَ مان نڪرندڙ دونهين وانگر.


۽ جبل سندس هيٺان ڳري ويندا، ۽ واديون ڦاٽي پونديون، جيئن ميڻ باهہ جي اڳيان، يا جيئن پاڻي اُڀ ڪپريءَ تان هيٺ وهي.


۽ هيئن ٿيندو هو، جو صندوق جي ڪوچ جي وقت موسيٰ چوندو هو تہ اي خداوند، اُٿ تہ تنهنجا دشمن ڇڙوڇڙ ٿي وڃن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ