Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 67:4 - Sindhi Bible

4 ڀلي تہ قومون خوشيون ڪن ۽ سرهائي جا گيت ڳائين: ڇو جو تون سچائيءَ سان ماڻهن جو انصاف ڪندين، ۽ زمين جي سڀني قومن تي حڪومت ڪندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 شال قومون خوشيون ڪن ۽ سرهائيءَ جا گيت ڳائين! ڇوجو تون سچائيءَ سان ماڻهن جو انصاف ڪرين ٿو، ۽ ڌرتيءَ جي سڀني قومن جي رهنمائي ڪرين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 67:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل توکان ائين نہ ٿئي، جو بدڪارن سان گڏ راستبازن کي بہ برباد ڪرين، ۽ راستباز بدڪارن جهڙا ليکجن. ساريءَ دنيا جو منصف انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


مون کان گهر ۽ آءٌ قومون تنهنجي ورثي لاءِ، ۽ زمين جون سرحدون تنهنجيءَ ملڪيت لاءِ ڏيندس.


مون چيو تہ اوهين خدا آهيو، اوهين سڀيئي خدا تعاليٰ جا فرزند آهيو.


هو راستبازيءَ سان دنيا جي عدالت ڪندو، ۽ سچائيءَ سان قومن جو انصاف ڪندو.


قومن ۾ ٻڌايو تہ خداوند بادشاهي ٿو ڪري: دنيا اهڙي قائم آهي جو اُنهيءَ کي لوڏو ڪونهي: سچائيءَ سان هو قومن جي عدالت ڪندو.


خداوند جي حضور، ڇو جو هو زمين جي رهاڪن جي عدالت ڪرڻ ٿو اچي: هو راستيءَ سان جهان جي، ۽ سچائيءَ سان قومن جي عدالت ڪندو.


اي سنڍ، تون جنهن کي ٻار نٿي ٿيو، سا ڳاءِ؛ تون جنهن ويم جا سور نہ سٺا آهن، سا وڏي آواز سان ڳائڻ شروع ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گهڻو آهي


ڏسو، مون هن کي اُمتن جي لاءِ شاهد، ۽ انهن جي لاءِ منهندار ۽ سردار مقرر ڪيو آهي.


اُٺن جون قطارون، ۽ مديان ۽ عيفہ جا ڪنواٺ توکي ڀري ڇڏيندا؛ اهي سڀ سبا مان ايندا ۽ اُهي سون ۽ لوبان آڻيندا، ۽ خداوند جي تعريف ظاهر ڪندا.


ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.


پر تون جو سخت دل ٿيو آهين، ۽ توبهہ نٿو ڪرين، سو اُنهي غضب جي ڏينهن لاءِ پنهنجي واسطي غضب ميڙي پيو گڏ ڪرين، جنهن ۾ خدا جي سچي عدالت ظاهر ٿيندي؛


ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”اي سنڍ زال، تون جا ٻار نٿي ڄڻين، سا خوشيون ڪر؛ تون، جنهن کي ويم جي سورن جي خبر ڪانهي، سا وڏي آواز سان رڙيون ڪر؛ ڇالاءِ جو مڙس واريءَ زال کان نڌڻڪيءَ زال جا ٻار گهڻا آهن.“


اي قومون، اوهين سندس اُمت سان خوشيون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو پنهنجن ٻانهن جي خون جو وير وٺندو، ۽ جيڪي هن جي مخالفت ٿا ڪن، تن کي بدلو ڏيندو؛ ۽ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ