Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 67:2 - Sindhi Bible

2 تہ تنهنجي واٽ زمين تي ظاهر ٿئي، ۽ سڀني قومن کي تنهنجي نجات جي خبر پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تان‌تہ سڄيءَ دنيا تي سندس واٽ پڌري ٿئي. هائو، جيئن سڀني قومن کي سندس ڇڏائڻ واري قدرت نظر اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 67:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اسان تي هن جو گهڻو رحم آهي؛ ۽ خداوند جي سچائي هميشہ تائين آهي. خداوند جي تعريف ڪريو.


جيڪا خوشي انهن کي سندن اَن ۽ مئي جي واڌاري مان حاصل ٿي ٿئي، تنهن کان وڌيڪ خوشي تو منهنجي دل ۾ وڌي آهي.


منهنجا دشمن منهنجي ڳولا ٿا ڪن، ۽ چون ٿا، تہ هيءُ ڪڏهن مرندو، ۽ هن جو نالو ڪڏهن ميٽجي ويندو.


اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون اندر ۾ ڇو اهڙي بي آرام آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق ۽ منهنجو خدا آهي.


هائو، هو فرمائي ٿو تہ اها هڪڙي تمام خسيس ڳالهہ آهي تہ يعقوب جي قبيلن کي اُٿارڻ لاءِ، ۽ اسرائيل جي بچيلن کي قائم ڪرڻ لاءِ تون منهنجو بندو ٿين: آءٌ توکي غير قومن لاءِ روشنائي ڪري ڏيندس، تہ زمين جي ڇيڙي تائين تون منهنجي نجات پهچائين.


خداوند سڀني قومن جي ڏسندي پنهنجي پاڪ ٻانهن اُگهاڙي ڪئي آهي؛ ۽ زمين جا سڀ ڪنارا اسان جي خدا جي نجات ڏسندا.


تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، پنهنجي ٻانهي جي دعا ۽ ان جا عرض ٻڌ، ۽ خداوند جي واسطي، تنهنجو پاڪ مڪان جو ويران ٿي ويو آهي، تنهن تي پنهنجو چهرو چمڪاءِ.


تنهنڪري اوهين وڃي پيءُ، پٽ ۽ پاڪ روح جي نالي بپتسما ڏيئي سڀني قومن کي شاگرد ڪريو:


۽ هرڪو انسان خدا جي نجات ڏسندو.“


۽ چوڻ لڳو تہ ”اي شيطان زادا، تون جو هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بدڪاريءَ سان ڀريل، ۽ هر طرح جي نيڪيءَ جو دشمن آهين، تون خداوند جي سنئين واٽن کي ڦيرائڻ کان بس ڪين ڪندين؟


هن ماڻهوءَ کي خداوند جي واٽ جي تعليم ملي هئي، ۽ روحاني جوش بہ هوندو هوس، تنهنڪري جي ڳالهيون يسوع جي بابت آهن، تن جي صحيح صحيح تعليم ڏيندو هو، ۽ تقريرون ڪندو هو؛ پر رڳو يوحنا جي بپتسما جي خبر هيس.


۽ مون هن طريقي وارن، مردن توڙي زالن، کي ٻڌرائي ۽ قيد خانن ۾ وجهرائي ايتري قدر ستايو جو موت تائين بہ نہ ڇڏيومان.


تنهن کانپوءِ ساري يهوديہ، ۽ گليل، ۽ سامريہ ۾ ڪليسيا کي امن مليو، ۽ اُها قائم ٿيندي ويئي؛ ۽ خداوند جي ڊپ ۾ هلندي ۽ پاڪ روح جي تسلي ۾ وڌندي ويئي.


ڇالاءِ جو خدا جو فضل ظاهر ٿيو آهي، ۽ اهو سڀني ماڻهن لاءِ نجات ڏيندڙ آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ