1 شل خدا اسان تي رحم ڪري، ۽ اسان کي برڪت ڏئي، ۽ پنهنجو چهرو اسان تي چمڪائي:
1 شال خدا اسان تي رحم ڪري ۽ اسان کي برڪت عطا ڪري! شال هو اسان تي پنهنجي ڪرم جي نظر فرمائي!
پنهنجي بندي تي پنهنجو منهن چمڪاءِ؛ ۽ مون کي پنهنجا قانون سيکار.
پنهنجيءَ اُمت کي بچاءِ، پنهنجيءَ ميراث کي برڪت ڏي: انهن جي پرورش ڪر، ۽ کين هميشہ تائين محفوظ رک.
پنهنجي ٻانهي تي پنهنجو منهن چمڪاءِ: ۽ پنهنجيءَ ٻاجهہ جي ڪري مون کي بچائي وٺ.
اي منهنجيءَ راستبازيءَ جا خدا، جڏهن آءٌ پڪاريان، تڏهن مون کي جواب ڏي؛ تو مونکي مشڪلات جي وقت ڇڏايو آهي: مون تي رحم ڪر ۽ منهنجي دعا ٻڌ.
گهڻيئي آهن جي چون ٿا تہ ڪير اسان سان ڀلائي ڪندو؛ اي خداوند تون پنهنجي چهري جو نور اسان تي چمڪاءِ.
اي خدا، مونکي پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ نہ ڇينڀ، نڪي پنهنجي سخت ناراضپي سان مونکي سزا ڏي.
خدا يهوداہ ۾ مشهور آهي: ۽ سندس نالو اسرائيل ۾ عظيم آهي.
اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر؛ پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.
اي لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر، پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.
خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ خدا جي محبت ۽ پاڪ روح جي شراڪت اوهان سڀني سان هجي.
ڇالاءِ جو خدا فرمايو تہ اوندهہ مان سوجهرو چمڪي، جو اسان جي دلين ۾ چمڪيو، تہ خدا جي جلال جي علم جو نور يسوع مسيح جي چهري ۾ ظاهر ٿئي.
اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف ٿئي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسماني جاين تي هر طرح جي روحاني برڪت بخشي.
اي خداوند، تون پنهنجيءَ اُمت بني اسرائيل کي معاف ڪر، جنهن کي تو ڇڏايو آهي، ۽ بيگناهہ جو خون پنهنجي اُمت بني اسرائيل جي سر تي نہ لڳاءِ. پوءِ انهي خون جي اوهان کي معافي ملندي.