Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 66:7 - Sindhi Bible

7 هو پنهنجيءَ قدرت سان هميشہ جي لاءِ حڪمراني ٿو ڪري: هن جون اکيون قومن کي ڏسن ٿيون: فسادي پاڻ کي نہ پڏائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 هو پنهنجيءَ قدرت سان هميشہ جي لاءِ حڪمران آهي. سندس اکيون قومن کي ڏسنديون ٿيون رهن، سو ڪوبہ خدا جي خلاف بغاوت نہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 66:7
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ڊوڙن، انهيءَ لاءِ تہ جن جي دل هن ڏانهن سالم آهي، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. هن ۾ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ توکي جنگيون ڪرڻيون پونديون.


هو دل ۾ ڏاهو آهي ۽ طاقت ۾ زوراور آهي: ڪنهن پاڻ کي هن جي سامهون سخت ڪيو آهي ۽ فتحياب ٿيو آهي.


خداوند پنهنجيءَ پاڪ هيڪل ۾ آهي، خداوند جو تخت آسمان ۾ آهي؛ سندس اکيون ڏسن ٿيون، هن جا ڇپر بني آدم کي آزمائين ٿا.


اي خداوند بدڪار جون خواهشون پوريون نہ ڪر؛ ۽ سندس بڇڙن منصوبن کي وڌڻ نہ ڏي؛ متان اهي پاڻ کي پڏائين.


تنهنجي بادشاهت ابدي بادشاهت آهي، ۽ تنهنجي حڪومت سڀني پيڙهين تائين قائم ٿي رهي.


خداوند آسمان مان ڏسي ٿو؛ هو بني آدم تي نظر ٿو رکي.


خدا هڪ وار فرمايو آهي، ۽ مون ٻہ ڀيرا هي ٻڌو آهي، تہ قدرت خدا جي اختيار آهي.


ڇو جو سرفرازي نہ اُڀرندي کان ٿي اچي نہ اُلهندي کان، نڪي ڏکڻ کان ٿي اچي.


هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي، جنهن هن اُمت کي مصرين جي هٿان ڇڏايو آهي، ڇالاءِ جو انهن مغروريءَ سان هنن جي برخلاف ڪيو.


۽ اُنهن ڏينهن جي گذرڻ کانپوءِ مون نبوڪدنضر پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏي کنيون ۽ منهنجي سمجهہ موٽي مون ۾ آئي، ۽ مون خدا تعاليٰ جو شڪر ڪيو ۽ سندس تعريف ڪيم، ۽ تعظيم ڏنم، جو هو هميشہ لاءِ جيئرو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ هن جي حڪومت پيڙهي بہ پيڙهي هلي ٿي:


۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.


۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ پر بڇڙائيءَ کان بچاءِ، (ڇالاءِ جو بادشاهي، ۽ قدرت، ۽ وڏائي هميشہ تائين تنهنجي ئي آهي، آمين.)


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ