2 هن جي نالي جي جلال جو گيت ڳايو: سندس تعريف جو جلال ظاهر ڪريو.
2 اوهين سندس نالي جي عظمت جا گيت ڳايو، هائو، اوهين سندس شاندار واکاڻ بيان ڪريو.
تنهن کانپوءِ لاوين، يعني يشوع، ۽ قدمي ايل، باني، حسبنياہ، سربياہ، هودياہ، سبنياہ، ۽ فتحياہ چيو تہ اُٿي بيهو، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي هميشہ کان وٺي هميشہ تائين مبارڪ چئو: تہ شل تنهنجو سڳورو نالو مبارڪ هجي، جو سڀ حمد ۽ تعريف کان اعليٰ آهي.
ڪير خداوند جي قدرت جي ڪمن جو بيان ڪري سگهندو، يا هن جي پوري تعريف ڪري سگهندو؟
شل ماڻهو خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿس، تن جي خاطر سندس تعريف ڪن.
ڀلي تہ اهي شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهين، ۽ گيت ڳائي سندس ڪمن جو بيان ڪن.
انهيءَ جي، جو مدامي آسمانن جي آسمان تي سواري ٿو ڪري؛ ڏس، هو پنهنجو آواز ٿو ٻڌائي، جو قدرت وارو آواز آهي.
شل خداوند خدا، اسرائيل جو خدا، مبارڪ هجي، جو ئي عجيب ڪم ٿو ڪري.
اي اسان جي نجات جا خدا تون پنهنجي نالي جي جلال جي واسطي اسان جي مدد ڪر: تون پنهنجي نالي جي صدقي اسان کي ڇڏاءِ، ۽ اسان جي گناهہ جو ڪفارو ڏي.
ڀلي تہ اهي خداوند جو جلال ظاهر ڪن، ۽ ٻيٽن ۾ هن جي تعريف پڌري ڪن.
اي آسمانو ڳايو؛ اي زمين خوش ٿي، اي جبلو گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، ۽ پنهنجي ڏکويلن تي رحم ڪندو.
۽ هڪڙي ٻئي کي سڏي چيو تہ لشڪرن جو خداوند، قدوس، قدوس، قدوس، آهي: ساري زمين هن جي جلال سان ڀرپور آهي.
۽ سڀڪا خلقيل شيءِ، جا آسمان ۽ زمين تي، ۽ زمين جي هيٺان، ۽ سمنڊ ۾ آهي، ۽ سڀ شيون جي انهن ۾ آهن، تن کي مون هيئن چوندو ٻُڌو تہ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن جي، ۽ انهي گهيٽي جي تمجيد، ۽ عزت، ۽ جلال، ۽ حڪومت شل هميشہ تائين هجي.