18 جيڪڏهن منهنجيءَ دل ۾ بڇڙائي هجي ها، تہ خداوند منهنجي ڪين ٻڌي ها:
18 جيڪڏهن منهنجيءَ دل ۾ ڪابہ بڇڙائي سانڍيل هجي ها، تہ منهنجو رب منهنجي بلڪل ڪين ٻڌي ها.
يقين آهي تہ خدا مغرور جي نہ ٻڌندو، نڪي قادر مطلق انهيءَ ڏي ڪو خيال ڏيندو.
سنڀال ڪر. بدڪاري جو خيال نہ رک: ڇالاءِ جو تو انهيءَ کي مصيبت کان زيادہ پسند ڪيو آهي.
خداوند شريرن کان پري آهي: پر هو سچن جي دعا ٻڌي ٿو.
شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.
جيڪو غريب جي دانهن تي پنهنجا ڪن بند ڪندو، سو پاڻ بہ دانهون ڪندو پر ٻڌندس ڪوبہ ڪونہ.
جيڪو شريعت جي ٻڌڻ کان پنهنجو ڪن ڦيرائي ٿو، تنهنجي دعا بہ نفرت جهڙي آهي.
۽ جڏهن اوهين پنهنجا هٿ پکيڙيندا تڏهن آءٌ پنهنجون اکيون اوهان کان لڪائيندس: هائو، جڏهن اوهين گهڻيون دعائون گهرندا تڏهن آءٌ اُهي نہ ٻڌندس: اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.
اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنهگارن جي نٿو ٻُڌي، پر جيڪڏهن ڪو خدا پرست آهي ۽ سندس مرضيءَ تي ٿو هلي، تہ انهي جي هو ٻُڌي ٿو.
اوهين گهُرو ٿا پر حاصل نٿا ڪريو، جو اوهين بريءَ نيت سان ٿا گهُرو، انهي لاءِ تہ پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.