Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 66:12 - Sindhi Bible

12 تو سوارن کي اسان جي مٿي تان لنگهايو: اسين باهہ ۽ پاڻيءَ مان لنگهياسين؛ پر تو اسان کي ڪڍي آباد هنڌ تي آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تو ئي اسان جي سرن مٿان دشمنن کي گذاريو هو. بلڪ اسين باهہ ۽ پاڻيءَ جهڙين مصيبتن مان بہ گذريا هئاسين. پر تو هاڻي اسان کي ڪڍي آباد هنڌ تي آندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 66:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ روانو ٿيو ۽ سڀ ماڻهو سندس پٺيان ويا؛ ۽ اهي بيت مرحاق ۾ اچي ترسيا.


هائو، هو توکي مصيبت مان ڪڍي اهڙيءَ ڪشادي جاءِ ۾ پهچائي ها؛ جتي سوڙهہ نہ آهي ۽ تنهنجي دسترخاني تي جيڪي هجي سو جيڪر سڻڀ سان ڀريل هجي ها.


هو ڇهن مصيبتن مان ڇڏائيندو، هائو، ستن ۾ بہ ڪا خرابي توکي نقصان نہ رسائيندي.


اُنهيءَ لاءِ تہ هو سندن جان کي موت کان ڇڏائي، ۽ ڏڪار ۾ کين جيئرو رکي.


آءٌ اهو انهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي توکي ڏکوئين ٿا؛ جن تنهنجي روح کي چيو آهي تہ جهڪ تہ اسين تنهنجي مٿان لنگهي وڃون: تو پنهنجي پٺي زمين وانگي، ۽ انهن جي لنگهڻ لاءِ گهٽيءَ وانگي وڇائي آهي.


تڏهن نبوڪدنضر باهہ جي ٻرندڙ کوري جي منهن کي ويجهو آيو: ۽ هن چيو تہ اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، خدا تعاليٰ جا ٻانها، اوهين نڪري هيڏي اچو، تڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو باهہ منجهان آيا.


پر ابراهيم چيو، تہ پٽ، ياد ڪر، تہ توکي پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون ٿي مليون، پر لعزر کي خراب شيون: مگر هاڻي هو آرام ۾ آهي، ۽ تون عذاب ۾ آهين.


۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.


ڏسو، جن صبر ڪيو، تن کي اسين مبارڪ ٿا سڏيون؛ اوهان ايوب جي صبر جو حال ٻُڌو آهي، ۽ ڏٺو اٿوَ تہ خداوند ساڻس پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن خداوند فضل ۽ رحم سان ڀرپور آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ