1 اي زمين جا سڀ رهاڪو، خدا جي حضور ۾ خوشيءَ سان للڪاريو.
1 اي ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪؤ! خدا جي حضور ۾ خوشيءَ جو نعرو هڻو.
انهيءَ طرح سڀني اسرائيلين نعرا هڻي ۽ زور سان ناد ۽ تريون، جهانجهہ، تنبورا ۽ بربط وڄائيندي، خدا جي عهدنامي جي صندوق آندي.
اي زمين جي سڀ رهاڪو، خداوند جي حضور ۾ خوشيءَ جو آواز ڪريو.
ڀلي تہ سڀڪو ساهہ وارو خداوند جي تعريف ڪري. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.
انهيءَ جي، جو مدامي آسمانن جي آسمان تي سواري ٿو ڪري؛ ڏس، هو پنهنجو آواز ٿو ٻڌائي، جو قدرت وارو آواز آهي.
خدا جو اسان جي طاقت آهي تنهن جي حضور ۾ بلند آواز سان ڳايو: ۽ يعقوب جي خدا جي حضور ۾ خوشيءَ سان للڪاريو.
خداوند جي حضور ۾ نئون گيت ڳايو: اي زمين جا سڀ رهاڪو، خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايو.
اي زمين جا سڀ رهاڪو خداوند جي حضور ۾ خوشيءَ جو آواز ڪريو: شوق سان خوشيءَ جا گيت ۽ تعريف ڳايو.
زمين جي تمام پرانهين ڀاڱي کان اسان راڳ ٻڌا آهن، سچي جي لاءِ وڏائي آهي. پر مون چيو تہ آءٌ ڳرندو وڃان، آءٌ ڳرندو وڃان، افسوس آهي منهنجي حال تي! دغابازي ڪندڙن دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي، هائو، دغابازي ڪندڙن تمام دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي.