Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 61:7 - Sindhi Bible

7 هو هميشہ تائين خدا جي حضور ۾ قائم رهندو: تون پنهنجي ٻاجهہ ۽ سچائيءَ کي هن جي حفاظت لاءِ تيار ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 شال هو تنهنجي حفاظت ۾ سدائين تخت‌نشين رهي! تون پنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا سان انهيءَ جي حفاظت ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 61:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائين تہ سڳورو آهي خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جو خدا، جنهن پنهنجي رحم ۽ راستيءَ کان منهنجي مالڪ ابرهام کي وانجهي نہ رکيو آهي: ۽ خداوند منهنجي رهبري ڪري مون کي منهنجي مالڪ جي ڀائرن ۾ آندو آهي.


۽ هاڻي جيڪو رحم ۽ وفاداري تو پنهنجي ٻانهي تي ڪيو آهي، تنهن سڀ جي ذري جو بہ آءٌ لائق نہ آهيان؛ ڇالاءِ جو آءٌ تہ فقط پنهنجي لٺ کڻي يردن جي پار ويو هوس، پر هاڻي مون وٽ ٻہ ٽوليون آهن.


ڀلي تہ تنهنجي نالي جي هميشہ لاءِ وڏائي ٿئي، ۽ ماڻهو چون تہ لشڪرن جو خداوند اسرائيل جو خدا آهي: ۽ تنهنجي ٻانهي دائود جو گهراڻو تنهنجي اڳيان قائم ٿيندو.


تنهنجيءَ نجات ۾ هن جو وڏو جلال آهي: تون هن کي شان ۽ شوڪت عطا ٿو ڪرين.


اي خداوند تون پنهنجي رحم جي نظر مون تان نہ هٽاءِ ۽ تنهنجي ٻاجهہ ۽ سچائي هميشہ منهنجي حفاظت ڪن.


تون ئي مون کي منهنجيءَ سچائيءَ ۾ قائم ٿو رکين، ۽ مون کي هميشہ پنهنجي حضور ۾ ٿو رکين.


پنهنجو سوجهرو ۽ سچائي موڪل، تہ اهي منهنجي رهبري ڪن: ۽ مون کي تنهنجي پاڪ جبل ۽ تنهنجي تنبن تائين پهچائين.


جيڪو مون کي ڳهي وڃڻ ٿو گهري تنهنجي طعنن کان بچائڻ لاءِ، هو آسمان مان موڪليندو؛ هائو خدا پنهنجو رحم ۽ سچائي موڪليندو.


رحم ۽ سچ بادشاهہ کي بچائين ٿا: ۽ ان جو تخت رحم قائم ڪيو اچي.


تون يعقوب کي سچائي ڏيندين، ۽ ابرهام کي رحم بخشيندين، جيئن تو قديم وقت کان وٺي اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي.


۽ هو يعقوب جي گهراڻي تي هميشہ بادشاهي ڪندو، ۽ سندس بادشاهت جي آخر ئي ڪانہ ٿيندي.


ڇالاءِ جو مسيح انهي هٿ جي جوڙيل پاڪ جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جا حقيقي پاڪ جاءِ جي نموني جهڙي آهي؛ پر خود آسمان ۾ داخل ٿيو، انهي لاءِ تہ هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي واسطي حاضر ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ