Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 60:3 - Sindhi Bible

3 تو پنهنجي قوم کي سختي ڏيکاري آهي: تو اسان کي آٿڙائڻ وارو شراب پياريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تو پنهنجيءَ هن قوم کي سختين جو منهن ڏيکاريو آهي. تو اسان کي ڄڻ تہ اهڙي مئي پيئاري آهي جيڪا ٿاٻڙائي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 60:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي.


تو جنهن اسان کي گهڻيون ۽ سخت تڪليفون ڏيکاريون آهن، تون وري اسان کي جيئرو ڪندين، ۽ زمين جي تري مان اسان کي ڪڍي مٿي آڻيندين.


ڇالاءِ جو خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو پيالو آهي، جنهن ۾ ڳاڙهو شراب آهي، اُهو گڏيل شراب آهي: هو اُنهيءَ مان اوتي ٿو ڪڍي؛ ۽ زمين جا سڀيئي بڇڙا ماڻهو انهي جي تري جو نچوڙ پيئندا.


اي خداوند لشڪرن جا خدا، ڪيستائين پنهنجي اُمت جي دعا تي ناراض رهندين؟


تو مصر مان هڪڙو ڊاک جو تاڪ آندو: تو ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ انهيءَ کي لڳايو.


تون هميشہ تائين اسان سان غصي رهندين ڇا؟ تنهنجو غصو سڀني پيڙهين تي پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ جاري رهندو ڇا؟


جو عهد تو پنهنجي بندي سان ڪيو هو تنهن کان نفرت ڪئي اٿيئي؛ ۽ منهنجو ڇٽ لاهي پٽ تي هنيو اٿيئي؛


اي يروشلم، جاڳ، جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، تو خداوند جي هٿان سندس ڪاوڙ جو پيالو پيتو آهي؛ تو سخت نشو ڏيندڙ پيالو پي خالي ڪيو آهي.


خداوند، تنهنجو مالڪ ۽ تنهنجو خدا، جو پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ حجت دليل ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ڏس، مون تنهنجي هٿ مان سخت نشي جو پيالو، يعني منهنجيءَ ڪاوڙ جو وڏو پيالو ورتو آهي؛ تون وري اهو نہ پيئندينءَ.


ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا، مون کي هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجي هٿان هن ڪاوڙ جي شراب جو پيالو وٺي انهن سڀني قومن کي وڃي پيار جن ڏي آءٌ توکي موڪليان ٿو.


اي ادوم جي ڌيءَ، جا عوض جي زمين ۾ رهين ٿي، تون خوشي ڪر ۽ سرهي ٿي: پيالو ڦري تو تائين بہ ايندو؛ تون پي مست ٿيندينءَ ۽ پاڻ کي اگهاڙو ڪندينءَ.


۽ اسان جي برخلاف ۽ اسان جي عدالت ڪندڙ قاضين جي برخلاف جيڪي هن فرمايو هو سڀ ثابت ڪيو اٿس، جو هڪڙي وڏي آفت اسان تي آندي اٿس: ڇالاءِ جو جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو ٻيو ڪٿي بہ آسمان هيٺ نہ ڪيو ويو آهي.


تون وڏائيءَ جي بدلي شرم سان ڀريل آهين: تون بہ پي اڻ طهريل جهڙو ٿيءُ: خداوند جي ساڄي هٿ وارو پيالو تو ڏي ڦيرايو ويندو، ۽ تنهنجي وڏائي ڦري خراب خواري ٿي پوندي.


۽ انهي وڏي شهر جا ٽي ٽڪرا ٿي پيا، ۽ قومن جا شهر ڪِري پيا: ۽ خدا جي حضور ۾ وڏي شهر بابل جي يادگيري ٿي، تہ کيس پنهنجي سخت غضب جي شراب جو پيالو پياري.


۽ چوندا تہ هاءِ هاءِ، اهو وڏو شهر، جنهن کي عمدا ڪتاني ۽ واڱڻائي ۽ قرمزي ڪپڙا پهريل هئا، ۽ سون ۽ جواهر ۽ موتين سان سينگاريل هو!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ