9 خداوند منهنجو عرض ٻڌو آهي؛ خداوند منهنجي دعا قبول ڪندو.
9 خداوند منهنجو فرياد ٻڌي ورتو آهي. هائو، خداوند منهنجي دعا کي قبول فرمايو آهي.
تنهن جي نسبت ۾ ڇالاءِ جو تنهنجي دل نرم هئي، ۽ تو هن هنڌ جي برخلاف ۽ اتي جي رهندڙن جي برخلاف سندس ڪلام ٻڌو، ۽ تو پاڻ کي نماڻو ڪيو ۽ منهنجي اڳيان عاجزي ڪئي اٿيئي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي اڳيان رُنو اٿيئي؛ تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.
مون پنهنجي مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو: خداوند منهنجي اونائي ۽ مون کي ڪشاديءَ جاءِ ۾ ويهاريائين.
مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ هن مون کي جواب ڏنو.
جنهن ڏينهن مون توکي پڪاريو تنهن ڏينهن تو مون کي جواب ڏنو، ۽ تو منهنجي جان کي طاقت بخشي، ۽ مون کي همت ڏياري.
مون خداوند کي پڪاريو، ۽ هن پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي جواب ڏنو.
مون تڙ تڪڙ ۾ چيو تہ تو مونکي پنهنجيءَ نظر کان پري ڪيو آهي: پر جڏهن مون توکي پڪاريو تڏهن تو منهنجو عرض ٻڌو.
تہ وڃي حزقياہ کي چئُہ تہ خداوند تنهنجي پيءُ دائود جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي، ۽ تنهنجا لڙڪ ڏٺا اٿم: ڏس، آءٌ تنهنجي عمر پندرهن ورهيہ وڌائيندس.
تو منهنجو سڏ ٻڌو؛ منهنجي ساهہ کڻڻ تي، منهنجي رڙ تي پنهنجو ڪن بند نہ ڪر.
مون پنهنجي مصيبت جي ڪري خداوند کي سڏيو، ۽ هن مون کي ورندي ڏني؛ دوزخ جي پيٽ مان مون دانهن ڪئي ۽ تو منهنجو آواز ٻڌو.
جڏهن منهنجو ساهہ مون ۾ ماندو ٿيڻ لڳو، تڏهن مون خداوند کي ياد ڪيو: ۽ منهنجي دعا تو تائين، يعني تنهنجي پاڪ هيڪل ۾ پهتي.