Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 6:8 - Sindhi Bible

8 اي سڀ بدڪارو مون کان پري ٿيو؛ ڇو جو خداوند منهنجي روئڻ جو آواز ٻڌو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اي سمورا بدڪارؤ! اوهين مون کان ڀڄي پري ٿيو، ڇوجو خداوند منهنجي روئڻ جو آواز ٻڌي ورتو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 6:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو چوندو، تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ آئون نٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان جا آهيو؛ اوهين مڙيئي بدڪار مون وٽان ٽري وڃو.


خداوند انهن سڀني جي ويجهو آهي جي کانئس دعا ٿا گهرن، يعني انهن سڀني کي جي سچائيءَ سان دعا ٿا گهرن.


اي بدڪارو، مون کان پري ٿيو؛ تہ آءٌ پنهنجي خدا جي حڪمن کي مڃيندو رهان.


تڏهن آئون کين صاف چوندس تہ مون اوهان کي ڪڏهن بہ نہ سڃاتو: اي بدڪارو، مون وٽان ٽري وڃو.


مون خداوند کي پڪاريو، ۽ هن پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي جواب ڏنو.


پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ يسوع زار زار روئي دانهون ڪري انهي کان دعائون گهُريون، جو کيس موت کان بچائي ٿي سگهيو، ۽ سندس خدا ترسيءَ جي ڪري اهي دعائون قبول پيون.


تڏهن وري هو کٻي پاسي وارن کي چوندو تہ اي ملعونو، مون وٽان ٽري وڃو، ۽ وڃي هميشہ جي باهہ ۾ پئو، جا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي.


اي خدا، تون ضرور بڇڙن کي قتل ڪندين: سو اي خوني ماڻهو مون وٽان هليا وڃو.


اي يروشلم ۾ صيون تي رهندڙ اُمت، تون اڳتي نہ رئندينءَ؛ هو تنهنجي دانهن جو آواز ٻڌي ضرور توتي رحم ڪندو؛ هو ٻڌندو ۽ توکي جواب ڏيندو.


تو منهنجي جان کي موت کان، ۽ منهنجين اکين کي لڙڪن کان، ۽ منهنجن پيرن کي ترڪڻ کان ڇڏايو آهي.


تہ وڃي حزقياہ کي چئُہ تہ خداوند تنهنجي پيءُ دائود جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي، ۽ تنهنجا لڙڪ ڏٺا اٿم: ڏس، آءٌ تنهنجي عمر پندرهن ورهيہ وڌائيندس.


۽ چيائين تہ اي خداوند آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي ياد ڪر تہ ڪيئن نہ آءٌ تنهنجي حضور ۾ سچائيءَ ۽ سالم دل سان هليو آهيان، ۽ جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو هو سو ڪيو اٿم. پوءِ حزقياہ زار زار رئڻ لڳو.


تون منهنجي رُلڻ جو حساب ٿو رکين: منهنجا لڙڪ پنهنجيءَ ٻاٽليءَ ۾ وجهي رک؛ اُهي تنهنجي دفتر ۾ داخل نہ آهن ڇا؟


منهنجي اک ڏک جي ڪري ڌنڌ واري ٿي پيئي آهي، ۽ منهنجا سڀ عضوا پاڇي جهڙا ٿي پيا آهن.


ڇالاءِ جو منهنجي حياتي غم ۾، ۽ منهنجي عمر آهون ڀريندي گذري ويئي آهي: منهنجي طاقت منهنجي گناهہ جي ڪري گهٽجي ويئي آهي، ۽ منهنجون هڏيون سڙي سڪي ويون آهن.


تو منهنجو سڏ ٻڌو؛ منهنجي ساهہ کڻڻ تي، منهنجي رڙ تي پنهنجو ڪن بند نہ ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ