Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 6:4 - Sindhi Bible

4 اي خداوند موٽ، اچي منهنجيءَ جان کي ڇڏاءِ؛ پنهنجيءَ ٻاجهہ سان مونکي بچاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اي خداوند! مون تي مهر جي نظر ڪري منهنجي جان ڇڏاءِ. تون پنهنجي دائمي شفقت جي ڪري مون کي بچائي وٺ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 6:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن مون خداوند جي نالي کي پڪاريو؛ تہ اي خداوند آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏاءِ.


تو منهنجي جان کي موت کان، ۽ منهنجين اکين کي لڙڪن کان، ۽ منهنجن پيرن کي ترڪڻ کان ڇڏايو آهي.


اي خداوند تون مون کي ڪوڙي وات ۽ ٺڳيندڙ زبان کان ڇڏاءِ.


خداوند توکي سڀ ڪنهن برائيءَ کان سنڀاليندو؛ هو تنهنجي جان جي سنڀال ڪندو.


ڪيستائين آءٌ سڄو ڏينهن پنهنجي دل ۾ غمگين ٿي، پنهنجي جيءَ ۾ خيال ڪندو رهندس؟ ڪيستائين منهنجو دشمن مون تي سربلند رهندو؟


اي خداوند، اُٿ، هن جي سامهون ٿي، هن کي هيٺ ڪيراءِ: پنهنجيءَ ترار جي زور سان منهنجي جان کي شرير کان بچاءِ.


منهنجيءَ جان کي ترار کان؛ ۽ منهنجي پياري جان ڪتي جي چنبي کان ڇڏاءِ.


منهنجيءَ جوانيءَ جي ڏوهن، ۽ منهنجن گناهن کي ياد نہ ڪر: پر پنهنجي ٻاجهہ سارو ڀلائي ڪري مون کي ياد ڪر.


پر اي خدا تنهنجي رضامنديءَ جي وقت ۾ منهنجي دعا تو وٽ ايندي: اي خدا پنهنجي بيحد گهڻي رحم سان، پنهنجيءَ نجات جي سچائيءَ ۾ مون کي جواب ڏي.


اي خدا ڪيستائين دشمن طعنا هڻندو رهندو؟ دشمن تنهنجي نالي تي هميشہ تائين ڪفر بڪندو ڇا؟


اي خداوند تون هميشہ تائين غصي رهندين ڇا؟ ۽ تنهنجي غيرت باهہ وانگي پيئي ٻرندي ڇا؟


اي لشڪرن جا خدا، اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ موٽي اچ آسمان مان نهاري ڏس ۽ هن ڊاک تي نظر ڪر.


ڇو جو مون تي تنهنجي گهڻي ٻاجهہ آهي؛ تو منهنجي جان کي اوڙاهہ جي تري مان ڪڍيو آهي.


اي خداوند، باز اچ ڪيستائين؟ ۽ پنهنجن بندن تي رحم ڪر.


ڏس، منهنجي سلامتيءَ جي لاءِ مون ايتري تڪليف سٺي: پر منهنجي روح سان محبت هئڻ جي ڪري، تو انهيءَ کي خرابيءَ جي کڏ کان ڇڏايو آهي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجا سڀ گناهہ پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيا آهن.


اي منهنجا خدا، پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ؛ پنهنجون اکيون پَٽي اسان جون ويرانيون، ۽ جيڪو شهر تنهنجي نالي پٺيان ٿو سڏجي، سو ڏس: ڇالاءِ جو اسين تنهنجي اڳيان پنهنجا عرض پنهنجين راستبازين ڪري نٿا پيش ڪريون، پر تنهنجي وڏي رحمت ڪري؛


اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي زماني کان وٺي منهنجن حڪمن کان ڦري ويا آهيو، ۽ انهن جي تعميل نہ پئي ڪئي اٿوَ. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون وٽ موٽي اچو، ۽ آءٌ اوهان وٽ موٽندس. پر اوهين چئو ٿا تہ اسين ڪهڙي ڳالهہ ۾ موٽون؟


تان تہ سندس انهي فضل جي جلال جي تعريف ٿئي، جو هن پنهنجي پياري ۾ اسان کي بخشيو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ