3 منهنجو روح بہ گهڻو بيچين آهي؛ پر تون اي خداوند، ڪيستائين؟
3 منهنجي جان بہ بلڪل بيچين ٿي ويئي آهي. سو اي خداوند! منهنجي مدد ڪرڻ واسطي تون مون کي ڪيستائين ترسائيندين؟
آءٌ پاڻيءَ وانگي پيو هارجان، ۽ منهنجون سڀ هڏيون سنڌن مان نڪري ويون آهن: منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي اندر ۾ پگهري ويئي آهي.
آءٌ هيڻو ۽ بلڪل چٿيل آهيان: ۽ دل جي بيچينيءَ جي ڪري دانهون پيو ڪريان.
اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق، ۽ منهنجو خدا آهي.
اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اُميد رک: ڇو جو هن جي نجات بخش ديدار لاءِ آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس.
خداوند مون کي هميشہ جي لاءِ رد ڪري ڇڏيندو ڇا؟ وري مون تي مهربان ڪين ٿيندو ڇا؟
تہ آءٌ صيون جي ڌيءَ جي دروازن ۾ تنهنجي سڀ تعريف ظاهر ڪريان؛ آءٌ تنهنجيءَ نجات جي ڪري سرهو ٿيندس.
اي خداوند، باز اچ ڪيستائين؟ ۽ پنهنجن بندن تي رحم ڪر.
ماڻهو جو روح پنهنجي ضعيفائي کڻي وٺندو؛ پر شڪستو روح ڪير کڻي سگهندو؟
اي خداوند، مون کي شفا ڏي، تہ آءٌ ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندس؛ مون کي بچاءِ تہ آءٌ بچندس؛ ڇالاءِ جو تون منهنجو فخر آهين.
تڏهن هنن کي چيائين، تہ منهنجي جان ڏاڍي ڏک ۾ آهي، ڄڻ تہ موت آيو اٿم: اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳو.
پوءِ خدا جا چونڊيل، جي رات ڏينهن کيس پيا پڪارين، تن لاءِ هو دير ڪندو ڇا؟ بلڪ انهن جو انصاف ڪين ڪندو ڇا؟
هاڻي منهنجي جان پريشان ٿي ٿئي، ۽ آئون ڇا چوان؟ اي بابا، هن گهڙيءَ کان مون کي بچاءِ. پر انهيءَ سبب تہ آئون هن گهڙيءَ کي رسيو آهيان.