Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 57:6 - Sindhi Bible

6 انهن منهنجي پيرن لاءِ ڄار وڌو آهي؛ منهنجي جان جهڪي ويئي آهي: انهن منهنجي اڳيان کڏ کوٽي آهي؛ جنهن ۾ پاڻ ڪِريا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 منهنجي دشمنن مون کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڄار پکيڙيو آهي، جنهن ڪري مون کي بي‌وس ڪري ڇڏيو اٿائون. پر جيڪا کڏ هنن منهنجي راهہ ۾ کوٽي آهي، تنهن ۾ هو پاڻ وڃي ڪريا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 57:6
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري دائود ساريءَ جماعت جي اڳيان خداوند کي دعا ڏني: ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، اسان جي پيءُ اسرائيل جا خدا، تون هميشہ لاءِ مبارڪ آهين.


اي خداوند، عظمت، ۽ قدرت، ۽ جلال، ۽ فتح ۽ حشمت تنهنجي آهي: ڇالاءِ جو جيڪي ڪجهہ آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو تنهنجو آهي. اي خداوند، بادشاهي تنهنجي آهي، ۽ تون ئي سڀني جي مٿان بلند آهين.


تون پنهنجي ساڄي هٿ سان بچاءِ ۽ اسان کي جواب ڏي، تہ تنهنجا محبوب ڇٽي پون.


مغرورن مون لاءِ ڦندو ۽ رسيون لڪائي رکيون آهن؛ ۽ واٽ جي ڀرسان ڄار پکيڙيو اٿن؛ انهن مون لاءِ ڦاهي وڇائي آهي.


جڏهن منهنجو روح مون منجهہ غم ۾ ٻڏل هو، تڏهن بہ توکي منهنجي واٽ جي خبر هئي. جنهن واٽ ۾ آءٌ هلان ٿو تنهن ۾ انهن ڦندا لڪايا آهن.


تنهن ڪري منهنجو روح مون منجهہ غم ۾ ٻڏي ويو آهي؛ ۽ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڏاڍي لهي ويئي آهي.


خداوند انهن سڀني کي جيڪي ڪرن ٿا سنڀالي ٿو، ۽ جيڪي جهڪي ٿا پون تن سڀني کي اُٿاري کڙو ٿو ڪري.


اي منهنجا خدا منهنجي جان مون ۾ ڍرڪي پيئي آهي: تنهن ڪري آءٌ يردن جي ملڪ مان، ۽ حرمون ۽ مصغار جي جبل تان توکي ياد پيو ڪريان.


تو پنهنجي دشمنن جي ڪري، ٻارڙن ۽ کير پياڪن جي واتان، پنهنجو زور قائم ڪيو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ تون دشمن ۽ وير وٺڻ واري کي ماٺ ڪرائين.


جيڪو سنئين هلڻ واري کي ڪنهن خراب رستي ڏي ڦيري گمراهہ ڪري ٿو، سو پاڻ پنهنجي کڏ ۾ ڪري پوندو، پر ڪامل ماڻهو نيڪيءَ جا وارث ٿيندا.


جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي خوشامد ڪري ٿو، سو پنهنجي پيرن جي لاءِ ڦندو پکيڙي ٿو.


ديندار ماڻهو زمين مان مارجي نڪري ويو آهي، ۽ ماڻهن ۾ ڪوبہ سچو ڪونهي؛ هو سڀ خون جي لاءِ لڪي ويٺا آهن؛ هنن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڄار ٿو وجهي.


پر مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم تہ ساري زمين خداوند جي جلال سان ڀرپور ٿيندي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ