Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 57:4 - Sindhi Bible

4 منهنجي جان شينهن جي وچ ۾ آهي؛ آءٌ اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ ليٽيل آهيان جن ۾ باهہ پيئي ٻري، جن جا ڏند ڀالا ۽ تير آهن، ۽ جن جي زبان تکي ترار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 آءٌ انهن وحشي بگھڙن جي وچ ۾ اچي ڦاٿو آهيان، جيڪي بني آدم کي حرص کان ڳڙڪائي ٿا وڃن. هنن جا ڏند تير ۽ ڀالا آهن ۽ سندن زبان تکي تلوار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 57:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪير هن جي وات جون ڄاڙيون کوليندو؟ هن جي ڏندن جي چوڌاري خوف آهي.


جيئن شينهن پنهنجي غار ۾ ڄڪ هڻي ويهندو آهي، تيئن هو ڳجهيءَ جاءِ ۾ لڪي ٿو ويهي: هو غريب کي جهلڻ جي انتظار ۾ ٿو رهي: ۽ غريب کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي جهلي ٿو وٺي.


اي خداوند ڪيستائين تون ڏسندو رهندين؟ منهنجيءَ جان کي انهن جي برباديءَ کان، ۽ منهنجي پياريءَ جان کي شينهن کان بچاءِ.


پنهنجو سوجهرو ۽ سچائي موڪل، تہ اهي منهنجي رهبري ڪن: ۽ مون کي تنهنجي پاڪ جبل ۽ تنهنجي تنبن تائين پهچائين.


تنهنجي زبان بڇڙائي ٿي رٿي؛ ۽ تکي پاڻيءَ وانگر ٺڳيءَ سان پئي هلي.


هن جي وات جون ڳالهيون تہ مکڻ جهڙيون ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي: هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر حقيقت ۾ اُگهاڙيون ترارون هيون.


اي خدا انهن جا ڏند سندن وات ۾ ڀڃي ڇڏ: اي خداوند جوان شينهن جون ڏاٺون ڀڃي ڇڏ.


ڏس اهي وات مان اوڳرايون پيا ڪڍن؛ سندن چپن ۾ تراريون آهن: ڇو جو هو چون ٿا تہ ڪير ٿو ٻڌي؟


جن پنهنجي زبان ترار جهڙي تکي ڪئي آهي، ۽ پنهنجن سخت لفظن جا تير هڻڻ لاءِ ڪمانون ڪشيون آهن.


ڪو اهڙو بہ آهي جو اُٻهرو ڳالهائي ترار وانگر گهائل ٿو ڪري: پر ڏاهي جي زبان صحت بخش آهي.


جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي ڏئي ٿو، سو هڪڙو ميخ مار، ۽ هڪڙي ترار ۽ تکو تير آهي.


جيئن گجندڙ شينهن ۽ گهمندڙ رڇ، تيئن اُهو شرير ماڻهو جو غريبن تي حاڪم آهي.


ڪا پيڙهي اهڙي آهي جنهن جا ڏند ترارين جهڙا آهن، ۽ جنهن جون ڏاٺون ڪاتين جهڙيون آهن، انهي لاءِ تہ غريبن کي زمين تان، ۽ محتاجن کي ماڻهن منجهان ڳڙڪائي وڃن.


۽ زبان بہ هڪڙي باهہ آهي: اسانجن عضون ۾ شرارت جو عالم اها زبان آهي، جا ساري بدن کي ڪِنو ٿي ڪري، ۽ دنيا جي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي ۽ دوزخ جي باهہ سان پيئي سڙي.


۽ هن جي وات مان هڪڙي تکي ترار ٿي نڪتي، تہ هو قومن کي ماري: ۽ هو مٿن لوهہ جي لٺ سان حڪومت ڪري؛ ۽ قادر مطلق خدا جي خوفناڪ غضب جي شراب جي چيچڙي کي هو لتاڙيندو.


پر جي نہ تہ ڀلي ابيملڪ مان باهہ نڪري سڪم جي ماڻهن، ۽ ملو جي گهراڻي کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي؛ ۽ ڀلي تہ سڪم جي ماڻهن ۽ ملو جي گهراڻي مان باهہ نڪري ابيملڪ کي کائي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ