Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 57:2 - Sindhi Bible

2 آءٌ خدا تعاليٰ کي پڪاريندس؛ انهيءَ خدا کي جو منهنجي لاءِ سڀ ڪجهہ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 آءٌ خدا تعاليٰ کي پڪاريان ٿو، هائو، خدا کي جيڪو منهنجي لاءِ سڀ ڪجھہ ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 57:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند منهنجي واسطي سڀ ڪجهہ پورو ڪندو: اي خداوند، تنهنجو رحم هميشہ قائم آهي: پنهنجي هٿن جي ڪمن کي ڇڏي نہ ڏي.


اي خداوند مون کي منهنجي دشمنن کان ڇڏاءِ: آءٌ پناهہ جي لاءِ تو وٽ ڊوڙي آيو آهيان.


اک جي پتلي وانگر مون کي سنڀال، ۽ مون کي پنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ لڪاءِ،


منهنجا دشمن منهنجي ڳولا ٿا ڪن، ۽ چون ٿا، تہ هيءُ ڪڏهن مرندو، ۽ هن جو نالو ڪڏهن ميٽجي ويندو.


منهنجا دشمن مون کي سڄو ڏينهن ڳهي وڃڻ ٿا گهرن: ۽ جيڪي مغروريءَ ۾ مون سان وڙهن ٿا سي گهڻيئي آهن.


اي خداوند تون ئي اسان کي سلامتي بخشيندين: ڇالاءِ جو اسان جا سڀ ڪم بہ تو اسان جي لاءِ ڪيا آهن.


اي منهنجي اُمت، اچ، پنهنجن ڪوٺين ۾ گِهڙ، ۽ پنهنجي چوڌاري در بند ڪري ڇڏ: ۽ ٿوري وقت تائين پاڻ کي لڪاءِ جيستائين ڪاوڙ لنگهي وڃي.


ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.


۽ مون کي انهيءَ ڳالهہ جي خاطري آهي تہ جنهن اوهان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آهي، سو انهي کي يسوع مسيح جي ڏينهن تائين پورو ڪندو؛


سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛


سو شل اوهان کي سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سندس مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڪامل ڪري، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ پسند آهي سو يسوع مسيح جي وسيلي اسان ۾ پيدا ڪري؛ انهي جي وڏائي هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ