3 جڏهن مون کي ڊپ ٿيندو تڏهن آءٌ توتي ڀروسو رکندس.
3 اي قادرِمطلق خدا! جڏهن مون کي ڊپ ٿيندو، تڏهن منهنجي توڪل تو تي ئي رهندي.
تڏهن يهوسفط ڊنو ۽ خداوند جي ڳولا ڪرڻ لڳو؛ ۽ اشتهار ڪرايائين تہ ساري يهوداہ ۾ ماڻهو روزو رکن.
منهنجو ڀروسو خداوند تي آهي، اوهين منهنجيءَ جان کي ڪيئن ٿا چئو تہ پکيءَ وانگي پنهنجي جبل ڏانهن اُڏامي وڃ؟
مون خداوند کي ڳوليو ۽ هن منهنجي ٻڌي، ۽ مون کي منهنجن سڀني خوفن کان ڇڏايائين.
پوءِ دائود اُٿيو ۽ انهي ڏينهن سائول جي ڊپ کان ڀڄي جات جي بادشاهہ اڪيس وٽ ويو.
۽ دائود کي اهي لفظ دل سان لڳا، ۽ جات جي بادشاهہ اڪيس کان ڏاڍو ڊنو.
۽ دائود کي ڏاڍو ڏک ٿيو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن هن کي سنگسار ڪرڻ جي ڳالهہ پئي ڪئي، جو سڀ ماڻهو پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي لاءِ غمگين هئا: پر دائود پاڻ کي خداوند پنهنجي خدا ۾ مضبوط ڪيو.