Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 54:3 - Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو پرديسي منهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن، ۽ غضبناڪ ماڻهو منهنجي جان جي پٺيان پيا آهن: اُنهن خدا کي پنهنجي سامهون نہ رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ڇاڪاڻ تہ ڪي ڌاريا ماڻهو منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن. هائو، بي‌ترس ماڻهو منهنجي جان جي پٺيان پيا آهن. اهي تو خدا جو بہ ڪو لحاظ ڪونہ ٿا رکن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 54:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون خداوند کي هميشہ پنهنجي سامهون رکيو آهي: هو منهنجي ساڄي پاسي آهي، تنهن ڪري مون کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو.


شل پاڪ مڪان مان هو توکي مدد موڪلي، ۽ صيون منجهان توکي زور بخشي.


ڇالاءِ جو ڪتن مونکي اچي گهيريو آهي: ۽ بدڪارن جي ٽولي مونکي ورائي ويئي آهي؛ اُنهن منهنجا هٿ ۽ پير وڍيا آهن.


بڇڙي ماڻهوءَ جي بڇڙائيءَ ڪري منهنجي دل چوي ٿي، تہ سندس نظر ۾ خدا جو ڊپ ڪونهي.


جيڪي منهنجيءَ جان کي برباد ڪرڻ ٿا چاهين سي سڀ شرمندا ٿين ۽ منجهي پون: جيڪي منهنجي نقصان ۾ راضي آهن سي هٽي وڃن ۽ بدنام ٿين.


اي خدا منهنجو انصاف ڪر، ۽ بي دين قوم جي مقابلي ۾ منهنجي وڪالت ڪر: دغاباز ۽ بي انصاف ماڻهوءَ کان مون کي ڇڏاءِ.


بدڪارن کي سمجهہ ڪانهي ڇا؟ ۽ اُهي منهنجن ماڻهن کي ائين ٿا کائي وڃن جيئن ماني کائبي آهي، ۽ خدا کان دعا نٿا گهرن.


آءٌ پنهنجن ڀائرن وٽ ڌاريو، پنهنجيءَ ماءُ جي اولاد وٽ پرديسي ٿي پيو آهيان.


اي خدا مغرور منهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن، ۽ ظالمن جي جماعت منهنجي جان جي پٺيان پيئي آهي، ۽ توکي پنهنجي سامهون نہ رکيو اٿن.


۽ اُهي ڳالهيون جو هو ڪندا، سو انهيءَ ڪري جو هنن نہ پيءُ کي سڃاتو آهي، ۽ نہ مون کي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ