Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 53:3 - Sindhi Bible

3 انهن مان هرڪو گمراهہ ٿيو آهي؛ اهي سڀ گڏجي ڪنا ٿيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پر اهي سڀ جو سڀ سڌي رستي کان ڦري ويا آهن، ۽ هڪجهڙا ڪنا ٿيا آهن. منجھن اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو نيڪي ڪري، هائو، هڪڙو بہ نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 53:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اسرائيل جا سڀ ماڻهو دائود جي پٺ ڇڏي بڪري جي پٽ سبع جي پٺيان لڳا: پر يهوداہ جا ماڻهو يردن کان وٺي يروشلم تائين پنهنجي بادشاهہ سان لڳا آيا.


سو اُهو ڪيترو نہ گهٽ پاڪ هوندو جيڪو ڪراهت جهڙو ۽ خراب آهي، اهڙو ماڻهو جو گناهہ کي پاڻيءَ وانگر پي وڃي ٿو.


اهي سڀ گمراهہ ٿيا آهن، ۽ سڀ گڏجي ڪنا ٿيا آهن، نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ ڪونهي.


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


اسين ناپاڪ ماڻهوءَ جهڙا ٿي پيا آهيون، ۽ اسان جي سڀ راستبازي پليت ٿيل پوشاڪ وانگي آهي: اسين سڀ پن وانگر ڪومائجي وڃون ٿا؛ ۽ اسان جون بدڪاريون واءُ وانگيان اسان کي اڏايو ڇڏين.


۽ آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇنڊيندس، ۽ اوهين پاڪ صاف ٿيندا: آءٌ اوهان کي هر قسم جي گندگي کان ۽ سڀني بُتن کان پاڪ ڪندس.


۽ انهن کي بہ جي خداوند کان ڦري ويا آهن؛ ۽ جن خداوند کي نہ ڳوليو آهي ۽ نہ سندس ڪا پڇا ڪئي اٿن.


اُهي سڀ گمراهہ ٿي ويا آهن، مڙيئي نڪما ٿي پيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ نہ:


تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.


جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ٿا تہ هو راستباز آهي، تہ اها بہ خبر اٿوَ تہ جيڪو راستبازيءَ جا ڪم ٿو ڪري سو هن مان پيدا ٿيو آهي.


اي پيارا، برائيءَ جي پيروي نہ ڪر، پر چڱائي ڪر. جيڪو نيڪي ٿو ڪري، سو خدا مان آهي؛ جيڪو بدي ٿو ڪري، تنهن خدا کي ڏٺو ئي ڪينهي.


جيڪو ناراست آهي سو ڀلي ناراستي پيو ڪري؛ ۽ جيڪو ڪميڻو آهي سو ڀلي ڪميڻو رهي؛ ۽ جيڪو راستباز آهي، سو ڀلي راستبازي پيو ڪري: جيڪو پاڪ آهي سو ڀلي پاڪ ٿيندو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ