3 تون برائيءَ کي ڀلائيءَ کان، ۽ ڪوڙ کي سچ کان وڌيڪ پسند ٿو ڪرين.
3 تون ڀلائيءَ کان وڌيڪ بڇڙائيءَ کي پسند ڪرين ٿو. هائو، تون سچ کان وڌيڪ ڪوڙ کي پسند ڪرين ٿو.
اهي رڳو هن کي سندس مرتبي کان ڪيرائڻ لاءِ پيا صلاحون ڪن؛ اهي ڪوڙ کان خوش ٿا ٿين: اهي پنهنجي وات سان برڪت ٿا ڏين پر اندر ۾ لعنت ٿا ڪن.
شرير جو روح بڇڙائي چاهيندو آهي: اُن جو پاڙيسري سندس نظر ۾ ڪوبہ مان نٿو لهي.
ڇالاءِ جو منهنجي قوم بي عقل آهي ۽ مون کي نٿي سڃاڻي؛ اُهي نادان ڇوڪر آهن ۽ ڪابہ سمجهہ ڪونہ اٿن: اُهي برائي ڪرڻ لاءِ ڏاها آهن، پر ڀلائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن.
هنن جي زبان هڪڙو موت مار تير آهي؛ اُها ٺڳيءَ جون ڳالهيون ٿي ڪري؛ هر هڪ وات پنهنجي پاڙيسريءَ سان خير سلامتيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪري، پر پنهنجي دل ۾ هن جي لاءِ ڇپ ماري ويهي ٿو.
اوهين جي نيڪيءَ کي ڌڪاريو ٿا، ۽ بڇڙائيءَ کي پسند ٿا ڪريو، جي انهن جي کل پَٽي لاهي ٿا وٺو، ۽ انهن جو گوشت سندن هڏن تان روڙي ٿا وٺو؛
اوهين پنهنجي پيءُ شيطان جا آهيو، ۽ مرضي اٿوَ تہ پنهنجي پيءُ جي خواهشن تي هلو. هُو تہ شروع کان ئي خوني هو، ۽ سچ تي نہ بيٺو، ڇالاءِ تہ سچ منجهس آهي ئي ڪونہ. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، تہ پاڻو ٿو ڳالهائي، ڇوتہ هو ڪوڙو آهي ۽ ڪوڙ جو باني آهي.
ڇالاءِ جو اُنهن خدا جي سچ جي بدران ڪوڙ کي قبوليو، ۽ مخلوقات جي عبادت ۽ بندگي ڪيائون، ۽ اُنهي خالق کي ڇڏي ڏنائون جو هميشہ جلال وارو آهي. آمين.
دغاباز، ضدي، وڏائي خور؛ خدا کان وڌيڪ عيش عشرت کي پسند ڪرڻ وارا،
پر ڪتا، ۽ جادوگر، ۽ زناڪار، ۽ خوني، ۽ بُت پرست ۽ اهي سڀيئي جيڪي ڪوڙ کي پسند ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ٺاهين، سي ٻاهر هوندا.