2 تنهنجي زبان بڇڙائي ٿي رٿي؛ ۽ تکي پاڻيءَ وانگر ٺڳيءَ سان پئي هلي.
2 تنهنجي زبان بڇڙائيءَ جا منصوبا پيئي جوڙي. اها پاڪيءَ جيان تکي آهي ۽ دغابازيءَ سان پيئي هلي.
ڇالاءِ جو بڇڙن ۽ دغابازن منهنجي برخلاف وات پٽيو آهي: انهن مون سان ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.
اي خداوند تون مون کي ڪوڙي وات ۽ ٺڳيندڙ زبان کان ڇڏاءِ.
تنهنجي وات مان بڇڙائي ٿي نڪري، ۽ تنهنجي زبان ٺڳيءَ جون ڳالهيون ٿي رٿي.
منهنجي جان شينهن جي وچ ۾ آهي؛ آءٌ اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ ليٽيل آهيان جن ۾ باهہ پيئي ٻري، جن جا ڏند ڀالا ۽ تير آهن، ۽ جن جي زبان تکي ترار آهي.
ڏس اهي وات مان اوڳرايون پيا ڪڍن؛ سندن چپن ۾ تراريون آهن: ڇو جو هو چون ٿا تہ ڪير ٿو ٻڌي؟
ڪو اهڙو بہ آهي جو اُٻهرو ڳالهائي ترار وانگر گهائل ٿو ڪري: پر ڏاهي جي زبان صحت بخش آهي.
حياتي ۽ موت زبان جي وس آهن؛ ۽ جيڪي انهيءَ کي پيار ڪن ٿا سي انهيءَ جو ڦر کائيندا.
ڪا پيڙهي اهڙي آهي جنهن جا ڏند ترارين جهڙا آهن، ۽ جنهن جون ڏاٺون ڪاتين جهڙيون آهن، انهي لاءِ تہ غريبن کي زمين تان، ۽ محتاجن کي ماڻهن منجهان ڳڙڪائي وڃن.
تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.
هاڻي سردار ڪاهن ۽ سڄي صدر مجلس، يسوع کي قتل ڪرڻ لاءِ سندس برخلاف ڪوڙي شاهدي ڳولڻ لڳا،
۽ پنجن ڏينهن کانپوءِ سردار ڪاهن حنانياہ، ڪن بزرگن سان گڏجي، ۽ طرطلس نالي هڪڙو وڪيل ساڻ ڪري آيو؛ پوءِ اُنهن حاڪم جي اڳيان پولس تي فرياد ڪيو.
ڇالاءِ جو اسان جي نظر ۾ هيءُ ماڻهو هڪڙي وڏي آفت آهي، ۽ دنيا جي سڀني يهودين ۾ فساد مچائيندڙ، ۽ ناصرين جي بدعتي فرقي جو هڪڙو مهندار آهي:
ڇالاءِ جو اهڙا ماڻهو ڪوڙا رسول ۽ دغاباز آهن، ۽ پاڻ کي مسيح جي رسولن جا هم شڪل ٿا بنائين.
پر اسان بي شرميءَ ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون ڇڏي ڏنيون آهن، ۽ مڪارن وانگر نٿا هلون، نڪي خدا جي ڪلام ۾ ملاوت ٿا ڪريون، پر سچ کي پڌرو ٿا ڪريون، تہ خدا جي اڳيان اسان لاءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ خاطري ٿئي.
۽ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاڻي اسان جي خدا جي نجات، ۽ قدرت، ۽ بادشاهت، ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي: ڇالاءِ جو اسان جي ڀائرن تي الزام آڻڻ وارو، جو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن الزام پيو آڻي، سو هيٺ اُڇلايو ويو آهي.
تڏهن دوئيگ ادوميءَ جو سائول جي نوڪرن وٽ بيٺو هو، ورندي ڏيئي چيو تہ مون يسيءَ جي پٽ کي نوب ۾ اخيملڪ پٽ اخيطوب وٽ ايندو ڏٺو.