Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 51:9 - Sindhi Bible

9 منهنجن گناهن کان پنهنجو منهن ڦيراءِ، ۽ منهنجون سڀ بڇڙايون مٽائي ڇڏ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 هاڻي تون منهنجي گناهن کي درگذر ڪر، ۽ منهنجيون سڀيئي بديون ميٽي ڇڏ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 51:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن آءٌ پاڻ کي برف جي پاڻيءَ سان ئي کڻي ڌوئان ۽ پنهنجا هٿ تمام صاف ڪريان؛


اي خدا پنهنجيءَ ٻاجهہ موجب مون تي رحم ڪر: پنهنجي گهڻي رحم موجب منهنجا گناهہ مٽائي ڇڏ.


خداوند ٿو فرمائي تہ هاڻي اچو تہ پاڻ ۾ حجت دليل ڪريون: جيتوڻيڪ اوهان جا گناهہ کهنبي جهڙا هوندا تہ بہ اهي برف جهڙا اڇا ٿي ويندا؛ جيتوڻيڪ اهي قرمز جهڙا ڳاڙها هوندا تہ بہ اُن جهڙا ٿي پوندا.


ڏس، منهنجي سلامتيءَ جي لاءِ مون ايتري تڪليف سٺي: پر منهنجي روح سان محبت هئڻ جي ڪري، تو انهيءَ کي خرابيءَ جي کڏ کان ڇڏايو آهي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجا سڀ گناهہ پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيا آهن.


ڇالاءِ جو منهنجون اکيون هنن جي سڀني رستن تي آهن: هو منهنجي منهن کان لڪل نہ آهن، نڪي هنن جي بدڪاري منهنجي اکين کان لڪل آهي.


۽ آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇنڊيندس، ۽ اوهين پاڪ صاف ٿيندا: آءٌ اوهان کي هر قسم جي گندگي کان ۽ سڀني بُتن کان پاڪ ڪندس.


پوءِ هڪڙو ماڻهو زوفا کڻي انهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي، ۽ انهي تنبوءَ تي، ۽ سڀني ٿانون تي، ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي، ۽ جنهن ماڻهو ڪنهن هڏي کي، يا ڪنهن ترار سان ماريل ماڻهو کي، يا ڪنهن لاشي کي، يا قبر کي هٿ لاتو هجي، تنهن تي ڇاٽاري:


۽ شريعت جو حڪم نامو جو اسان جي برخلاف ۽ اسان جي اُبتڙ هو سو مٽائي ڇڏيائين: ۽ انهي کي صليب تي ڪليون هڻي رد ڪري ڇڏيائين،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ