Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 51:8 - Sindhi Bible

8 مون کي خوشيءَ ۾ سرهائيءَ جي خبر ٻڌاءِ؛ تہ اهي هڏيون جي تو ڀڳيون آهن سي خوش ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 مون سان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جون ڳالهيون ڪر، تان‌تہ آءٌ خوش ٿيان توڙي جو تو مون کي دٻائي پيڙيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 51:8
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا خدا، آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون دل کي جاچين ٿو، ۽ سچائيءَ ۾ تنهنجي خوشي آهي. مون پنهنجي دل جي سچائيءَ سان هي سڀ شيون رضامنديءَ سان ڏنيون آهن: هاڻي مون کي، تنهنجي قوم جا هتي حاضر آهي، تنهن کي تنهنجي حضور ۾ رضامنديءَ سان ڏيندو ڏسي، ڏاڍي خوشي حاصل ٿي آهي.


پر مون تنهنجي رحم تي ڀروسو رکيو آهي: منهنجي دل تنهنجيءَ نجات ۾ سرهي ٿيندي:


تو منهنجي ماتم کي مٽائي نچڻ ڪيو آهي؛ تو مون تان کٿو لاهي مون کي خوشيءَ جو ڪمربند ٻڌو آهي:


منهنجون سڀ هڏيون چونديون تہ اي خداوند تو جهڙو ڪير آهي، جو غريب کي زوراور جي هٿن مان، بلڪ غريب ۽ محتاج کي ڦر مار ڪندڙ کان ڇڏائي ٿو؟


تنهنجي غصي جي ڪري منهنجي جسم ۾ صحت ڪانهي؛ نڪي منهنجي گناهہ جي ڪري منهنجي هڏن ۾ آرام آهي.


خداوند جا خريد ڪيل موٽندا، ۽ ڳائيندا صيون ۾ ايندا: ۽ انهن جي مٿن تي هميشہ جي خوشي هوندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، ۽ غم ۽ ماتم ڪونہ رهندو.


اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي.


مبارڪ آهن اُهي جي غمگين آهن، ڇالاءِ جو اُنهن کي تسلي ملندي.


”خداوند جو روح مون تي آهي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مون کي مسح ڪيو اٿس، ۽ مون کي موڪليو اٿس تہ قيدين کي ڇُٽڻ جي، ۽ انڌن کي سڄي ٿيڻ جي خبر ٻڌايان، ۽ جيڪي لتاڙيل آهن، تن کي آزاد ڪريان،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ