Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 51:3 - Sindhi Bible

3 ڇو جو آءٌ پنهنجا ڏوهہ باسيان ٿو: ۽ منهنجا گناهہ هميشہ منهنجي سامهون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 بيشڪ آءٌ پنهنجا ڏوهہ باسيان ٿو، منهنجا گناهہ هميشہ منهنجي سامهون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 51:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسرائيل جي نسل وارن پاڻ کي ٻين سڀني غير قومن کان ڌار ڪيو، ۽ بيهي پنهنجا گناهہ ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جا ڏوهہ قبول ڪرڻ لڳا.


هو ماڻهن جي اڳيان ڳائي ٿو ۽ چوي ٿو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، ۽ جيڪي سنئون هو تنهن کي ڏنگو ڪيو اٿم، ۽ انهيءَ مان مون کي ڪوبہ فائدو حاصل نہ ٿيو:


مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ مون پنهنجي برائي ڪين لڪائي: مون چيو تہ آءٌ خداوند وٽ پنهنجن گناهن جو اقرار ڪندس؛ ۽ تو منهنجن گناهن جي برائي معاف ڪئي.


ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي بڇڙائي ظاهر ڪندس؛ ۽ پنهنجي گناهہ ڪري پشيمان ٿيندس.


ڇالاءِ جو بي شمار برايون مون کي چوڌاري ويڙهي ويون آهن، ۽ منهنجي خطائن مونکي اهڙو قابو ڪيو آهي جو آءٌ اکيون مٿي کڻي نٿو سگهان: هي منهنجي مٿي جي وارن کان بہ وڌيڪ آهن، تنهن ڪري آءٌ دل لٿل ٿي پيو آهيان.


منهنجا دشمن منهنجي ڳولا ٿا ڪن، ۽ چون ٿا، تہ هيءُ ڪڏهن مرندو، ۽ هن جو نالو ڪڏهن ميٽجي ويندو.


جيڪو پنهنجا قصور لڪائي ٿو سو سکيو نہ گذاريندو، پر جيڪو اُهي قبول ڪندو ۽ ڇڏيندو تنهن کي رحم حاصل ٿيندو.


آءٌ هائو آءٌ، اهو آهيان جو پنهنجي خاطر تنهنجون خطائون مٽائي ٿو ڇڏيان؛ ۽ آءٌ تنهنجا گناهہ ياد نہ ڪندس.


ڇالاءِ جو اسان جا قصور تنهنجي اڳيان وڌي ويا آهن، ۽ اسان جا گناهہ اسان جي برخلاف شاهدي ٿا ڀرين: ڇو تہ اسان جا قصور اسان سان آهن، ۽ اسانجين بدڪارين جي اسان کي خبر آهي:


اچو تہ اسين پنهنجي شرم ۾ پئجي رهون، ۽ اسان جي خواري اسان کي ڍڪي ڇڏي: ڇالاءِ جو اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ پئي ڪيو آهي: ۽ اسان خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ پئي مڃيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ