Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 5:9 - Sindhi Bible

9 ڇو تہ انهن جي وات ۾ ڪا سچائي ڪانهي؛ انهنجو اندر تمام بڇڙو آهي: انهن جي نڙي کليل قبر آهي؛ اُهي پنهنجيءَ زبان سان خوشامد ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 بيشڪ منهنجي دشمنن جي وات ۾ ڪابہ سچائي ڪانهي. هو دل ۾ رڳو تباهي ٿا رکن. هو پنهنجي زبان سان خوشامند ڪن ٿا، پر سندن وات مان نڪتل ڳالهيون ٻين لاءِ موت آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 5:9
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانپوءِ، اهوا نديءَ وٽ مون روزو رکڻ جو اشتهار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاڻ کي پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻا ڪريون، ۽ انهيءَ کان پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ، سنئون رستو گهرون، ۽ پنهنجي مال ملڪيت لاءِ بہ سوال ڪريون.


اي خداوند، مونکي پنهنجو رستو ڏيکار: ۽ منهنجن دشمنن جي سببان مون کي سنئينءَ واٽ تي هلاءِ.


ڏس تون اندر جي سچائي ٿو چاهين: اندر ۾ ئي مونکي دانائي سيکار.


تنهنجي زبان بڇڙائي ٿي رٿي؛ ۽ تکي پاڻيءَ وانگر ٺڳيءَ سان پئي هلي.


اهي رڳو هن کي سندس مرتبي کان ڪيرائڻ لاءِ پيا صلاحون ڪن؛ اهي ڪوڙ کان خوش ٿا ٿين: اهي پنهنجي وات سان برڪت ٿا ڏين پر اندر ۾ لعنت ٿا ڪن.


بيشڪ ڪميڻا ماڻهو بيهودا آهن، ۽ معتبر ماڻهو ڪوڙا آهن. جيڪڏهن انهن کي ساهميءَ ۾ توربو تہ اهي هوا کان بہ هلڪا آهن.


اهي بڇڙايون ڳولي ٿا ڪڍن؛ ۽ چون ٿا تہ اسان هڪڙي پڪي رٿ ڳولي آهي: انهن جا اندريان خيال ۽ دل ٻئي اونها آهن.


توکي منهنجي مهڻي ۽ شرم ۽ بدناميءَ جي خبر آهي: منهنجا سڀيئي دشمن تنهنجي اڳيان آهن.


جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي خوشامد ڪري ٿو، سو پنهنجي پيرن جي لاءِ ڦندو پکيڙي ٿو.


سچار جو رستو سنئون آهي: تون جو راستباز آهين، سو سچار کي واٽ ڏيکارين ٿو.


دل سڀني شين کان وڌيڪ دغاباز آهي، ۽ اُها حد کان وڌيڪ بيمار آهي: انهي کي ڪير معلوم ڪري سگهي ٿو؟


اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.


اُن جا دولتمند ماڻهو ظلم سان ڀريل آهن، ان جي رهاڪن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ انهن جي زبان سندن وات ۾ دغاباز آهي.


تڏهن خداوند چيس، تہ اوهين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو ملي صاف ڪريو ٿا، پر اوهان جو اندر ڦرلٽ ۽ برائي سان ڀريو پيو آهي.


افسوس اوهان تي! ڇالاءِ جو اوهين اُنهن قبرن وانگر آهيو جي ڏسڻ ۾ ئي ڪين ٿيون اچن، جن تي ماڻهو هلن ٿا، پر انهن جي خبر ڪانہ ٿي رهين.


هنن جي نڙي هڪڙي کليل قبر آهي؛ پنهنجي زبان سان هنن ٺڳي ڪئي آهي: ۽ سندن چپن ۾ نانگن جو زهر آهي:


ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسان ڪڏهن بہ خوشامد وارا لفظ ڪم نہ آندا آهن، نہ اُنهن کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون، ۽ انهيءَ جو خدا شاهد آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ