Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 5:8 - Sindhi Bible

8 اي خداوند، مون کي منهنجي دشمنن جي سببان پنهنجي راستبازيءَ ۾ هلاءِ؛ منهنجي اڳيان پنهنجي واٽ پڌري ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اي خداوند! منهنجا دشمن گھڻا ٿي ويا آهن، تنهنڪري منهنجي رهنمائي ڪر. مون کي پنهنجي سچائيءَ جي راهہ ڏيکار، جنهن تي آءٌ سڌو هلندو اچان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 5:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بہ انهيءَ ڪم ڪري تو خداوند جي دشمنن کي ڪفر بڪڻ جو وڏو وجهہ ڏنو آهي، ۽ جيڪو ٻار توکي ڄائو آهي سو بہ ضرور مرندو.


مون پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجي ڳولا ڪئي آهي: مون کي پنهنجي حڪمن کان ڀٽڪڻ نہ ڏي.


اي خداوند زمين تنهنجي رحم سان ڀرپور آهي: مون کي پنهنجا قانون سيکار.


آءٌ تنهنجي پاڪ هيڪل ڏانهن منهن ڪري توکي سجدو ڪندس، آءٌ تنهنجيءَ ٻاجهہ ۽ سچائيءَ جي ڪري تنهنجي نالي جو شڪر ڪندس: ڇو جو تو پنهنجي ڪلام کي پنهنجي هر ڪنهن نالي کان مٿي ڪيو آهي.


اي خداوند، مونکي پنهنجو رستو ڏيکار: ۽ منهنجن دشمنن جي سببان مون کي سنئينءَ واٽ تي هلاءِ.


اي خداوند منهنجو ڀروسو توتي آهي؛ مون کي ڪڏهن شرمندو ٿيڻ نہ ڏي: تون پنهنجيءَ راستبازيءَ خاطر مونکي بچاءِ.


هو منهنجن دشمنن کي سندن بڇڙائي جو بدلو ڏيندو: تون پنهنجي سچائيءَ موجب اُنهن کي برباد ڪر.


منهنجو خدا پنهنجي رحم سان منهنجي سنڀال ڪندو: خدا منهنجي دشمنن تي منهنجي مراد پوري ڪندو.


اي خداوند مون کي پنهنجي واٽ سيکار؛ آءٌ تنهنجي سچائيءَ تي هلندس. منهنجي دل هڪ پاسي ڪر تہ تنهنجي نالي کان ڊڄندو رهان.


ڇڏ تہ تنهنجون اکيون سڌو اڳتي نهارين، ۽ تنهنجا ڇپر تنهنجي اڳيان سنئين نظر ڪن.


پاڻي مون کي ساهہ تائين وڪوڙي ويا، سمنڊ منهنجي چوڌاري هو؛ رءُ منهنجي مٿي جي چوڌاري ويڙهيل هئا.


هيءُ اُهو آهي جنهن جي بابت يسعياهہ نبيءَ ذڪر ڪيو هو، تہ ”رڻ پٽ ۾ هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز ٿو اچي، تہ اوهين خداوند جو رستو تيار ڪريو، ۽ سندس واٽون سنئيون ڪريو“.


۽ پنهنجي پيرن جي لاءِ رستا سنوان ڪريو، تہ جيڪو منڊو آهي سو ٿاٻو نہ کائي، بلڪ ڇُٽي چڱو ڀلو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ