Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 5:10 - Sindhi Bible

10 اي خدا انهن کي ڏوهي ٺهراءِ؛ هي پنهنجن منصوبن ۾ پاڻ ڦاسن؛ انهن کي سندن گناهن جي گهڻائيءَ ڪري ڌڪي ڪڍ؛ ڇو جو تنهنجي برخلاف فساد ڪيو اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اي خدا! تون انهن کي ڏوهي قرار ڏي. شل هو پنهنجين ئي سازشن سان برباد ٿين! تون انهن کي سندن گھڻن گناهن جي ڪري ڌڪي ڪڍي ڇڏ، ڇوجو هنن تنهنجي اڳيان سرڪشي پئي ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 5:10
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هڪڙي ماڻهوءَ دائود کي چيو تہ اخيتفل ابي سلوم سان منصوبو ڪندڙن مان آهي. ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اخيتفل جي مشورت بدلائي بي عقلي ڪر.


تڏهن ابي سلوم ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن چيو تہ حوسي ارڪي جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي. ڇالاءِ جو خداوند اهو ارادو ڪيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي سلوم تي خرابي آڻي.


۽ جڏهن اخيتفل ڏٺو تہ سندس صلاح تي نہ هليا آهن، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي هنو رکيو، ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏي ويو، ۽ وڃي گهر پهتو، ۽ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪري پاڻ کي ڦاسي ڏئي لڙڪائي ڇڏيائين؛ ۽ هو مري ويو، ۽ پنهنجي پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو.


۽ هيئن ٿيو تہ هن سان ڳالهين ڪندي بادشاهہ هن کي چيو تہ اسان ڪو توکي بادشاهہ جو صلاحڪار مقرر ڪيو آهي ڇا؟ بس ڪر. ڇو ٿو مارجين؟ تڏهن انهيءَ نبيءَ بس ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ مون کي خبر آهي تہ خدا توکي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، جو تو هي ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح نہ ورتي اٿيئي.


تڏهن هنن هامان کي انهيءَ سوريءَ تي وڃي چاڙهيو، جا هن مردڪئي جي لاءِ تيار ڪئي هئي. تڏهن بادشاهہ جي ڪاوڙ ڍري ٿي.


بدڪار جي ٻانهن کي ڀڃي ڇڏ؛ ۽ بڇڙي ماڻهوءَ جي بڇڙائيءَ کي اهڙو نابود ڪر، جو وري ڳوليو نہ لڀي.


ڇو جو انهن خدا جي ڪلام جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ خدا تعاليٰ جي صلاح جي حقارت ڪيائون:


اي خداوند، اُٿ، هن جي سامهون ٿي، هن کي هيٺ ڪيراءِ: پنهنجيءَ ترار جي زور سان منهنجي جان کي شرير کان بچاءِ.


جن جي واتن مان ڪوڙيون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ جيڪي راستباز ماڻهوءَ جي برخلاف گستاخيءَ سان، مغروريءَ ۽ نفرت جون ڳالهيون ٿا ڪن، تن کي ماٺ ڪراءِ.


جيڪي منهنجي نقصان ڪري خوش ٿا ٿين سي سڀ گڏجي شرمائجن ۽ منجهي پون: ۽ جيڪي منهنجي برخلاف پاڻ کي پڏائين ٿا، سي شرم ۽ خواريءَ ۾ ٻڏن.


ڀلي تہ انهن تي اوچتو موت اچي، ۽ ڀلي تہ اهي جيئري ئي وڃي قبر ۾ پون: ڇو جو بڇڙائي انهن جي گهرن ۾، بلڪ خود منجهن آهي.


هو پنهنجيءَ قدرت سان هميشہ جي لاءِ حڪمراني ٿو ڪري: هن جون اکيون قومن کي ڏسن ٿيون: فسادي پاڻ کي نہ پڏائين.


جيڪي منهنجيءَ جان جا دشمن آهن سي شرمندا ٿين، ۽ فنا ٿي وڃن؛ جيڪي منهنجا مٺگهرا آهن سي مهڻن ۽ بدناميءَ سان ڍڪجي وڃن.


اي خداوند اسان جي پاڙيسرين جي گلا جا هو تنهنجي برخلاف ٿا ڪن، سا ستوڻي ڪري مٿن آڻ.


اي آسمان ٻڌو، ۽ اي زمين ڪن ڏي، ڇالاءِ جو خداوند فرمايو آهي: تہ ٻارن کي مون پالي وڏو ڪيو آهي، پر اهي مون کان باغي ٿيا آهن.


پر جي اوهين منڪر ۽ باغي ٿيندا تہ ترار اوهان کي کائي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


پر انهن بغاوت ڪئي ۽ هن جي پاڪ روح کي رنجايائون: تنهن ڪري هو ڦري انهن جو دشمن ٿيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


ان جا دشمن غالب پيا آهن، ان جا ويري خوش پيا گذارين؛ ڇالاءِ جو خداوند اُن کي سندس گهڻين بدڪارين سبب ڏک ڏنو آهي: ان جا ننڍا ٻار دشمن جي اڳيان قيد ٿي ويا آهن.


اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ اونڌي هلت هليا آهيون، ۽ شرارت جا ڪم ڪيا اٿئون، ۽ باغي ٿيا آهيون، يعني تنهنجن حڪمن ۽ تنهنجين عدالتن کان منهن موڙيو اٿئون:


خداوند اسان جي خدا وٽ، جيتوڻيڪ اسين هن کان باغي ٿيا آهيون، رحمت ۽ معافي آهي؛


سزا جا ڏينهن آيا آهن، بدلي وٺڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن؛ اسرائيل پاڻهي ڄاڻندو: نبي بي عقل آهي، جنهن ماڻهوءَ ۾ روح آهي سو چريو آهي، اهو تنهنجي بدڪاريءَ جي گهڻائيءَ ڪري ٿيو آهي، ۽ هن ڪري جو دشمني وڏي آهي.


ڇالاءِ جو هن جهان جي ڏاهپ خدا جي اڳيان بيوَقوفي آهي. هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”هو ڏاهن کي سندن هوشياريءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“


پر حسبون جي بادشاهہ سيحون اسان کي پنهنجيءَ حد مان لنگهڻ نہ ڏنو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا، هن جو مزاج تيز، ۽ دل سخت ڪئي، انهي لاءِ تہ هو انهي کي تنهنجي حوالي ڪري، جيئن ڪ اڄ ڪيو اٿس.


۽ جيتوڻيڪ ڪو شخص اُتي تنهنجي پٺيان کڻي پوي، ۽ تنهنجي ساهہ جو ڳولائو ٿئي، تہ بہ منهنجي ڌڻيءَ جو روح خداوند تنهنجي خدا سان حياتيءَ جي ڳنڍ ۾ ٻڌل رهندو؛ ۽ تنهنجن دشمنن جا روح پري اُڇلايا ويندا، ڄڻ تہ کانڀاڻيءَ جي پيچ مان اُڇلايا ويا آهن.


۽ جڏهن دائود ٻڌو تہ نابال مري ويو آهي تڏهن چوڻ لڳو تہ خداوند برڪت وارو هجي جنهن نابال جي هٿان منهنجي پاران منهنجي حقارت جو بدلو ورتو آهي، ۽ پنهنجي ٻانهي کي خرابي ڪرڻ کان بچايو اٿس: ۽ نابال جي شرارت موٽائي خود سندس گردن تي وڌي اٿس؛ ۽ دائود ماڻهو موڪلي ابيجيل جي نالي چوائي موڪليو تہ آءٌ هن کي پنهنجي زال ڪرڻ ٿو گهران.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ