1 اي خداوند منهنجي ڳالهہ تي ڪن ڏي، ۽ منهنجي آهن تي نگاهہ ڪر.
1 اي خداوند! منهنجي لفظن تي ڌيان ڏي، منهنجي آهُن تي توجھہ ڏي.
اي خداوند، حق جي ڳالهہ ٻڌ، منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي؛ منهنجي دعا، جا ڪوڙ واري وات مان نٿي نڪري، تنهن تي ڪن ڏي.
منهنجي وات جون ڳالهيون ۽ منهنجيءَ دل جا خيال تو وٽ قبول پون، اي خداوند، منهنجي طاقت، ۽ منهنجا ڇڏائيندڙ.
اي خدا منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجي وات جي لفظن ڏانهن ڪن ڏي.
اي خدا منهنجي فرياد جو آواز ٻڌ: دشمن جي ڊپ کان منهنجي جان بچاءِ.
اي اسرائيل جا ڌنار، تون جو ڌڻ وانگي يوسف جي رهبري ٿو ڪرين، ڪن ڏيئي ٻڌ: تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين، پنهنجو نور چمڪاءِ.
اي خداوند ڪن لائي مون کي جواب ڏي؛ ڇالاءِ جو آءٌ غريب ۽ محتاج آهيان.
۽ ساڳيءَ طرح روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري: ڇوتہ اسان کي خبر نہ آهي تہ ڇا جي لاءِ، ۽ ڪهڙيءَ طرح دعا گهُرون؛ پر روح پاڻ اندر جي اُڌمن سان اسان جي شفاعت پيو ڪري.
ڇالاءِ جو راستبازن تي خداوند جي مهر جي نظر آهي، ۽ سندس ڪَن انهن جي دعا ڏانهن آهن؛ پر جيڪي بدي ٿا ڪن، سي خداوند جي نگاهہ ۾ آهن.“
هاڻي حنہ تہ پنهنجيءَ دل ۾ پئي دعا گهري؛ فقط سندس چپ پئي چُريا، پر سندس آواز ٻڌڻ ۾ نٿي آيو: تنهنڪري عيليءَ سمجهيو تہ هوءَ نشي ۾ آهي.
تون پنهنجي ٻانهيءَ کي خبيث نہ ڄاڻ: ڇالاءِ جو هيستائين مون پنهنجي ڏک ۽ رنج جي گهڻائيءَ کان پئي ڳالهايو آهي.