9 اي خدا اسان تنهنجيءَ هيڪل ۾، تنهنجيءَ ٻاجهہ تي غور ڪيو آهي.
9 اي خدا! تنهنجي هيڪل جي اندر اچي اسان تنهنجي دائمي شفقت تي غور ڪيو آهي.
۽ هن بادشاهہ کي چيو تہ مون پنهنجي ملڪ ۾ تنهنجن ڪمن ۽ تنهنجي سياڻپ بابت جيڪي ٻڌو هو سڀ سچ هو.
انهيءَ هوندي بہ جيسين آءٌ پاڻ نہ آيس ۽ سڀ پنهنجين اکين سان نہ ڏٺم تيسين انهن ڳالهين تي اعتبار نہ ٿي آيم: ڏس، مون کي اڌ بہ نہ ٻُڌايو هئائون: تنهنجي سياڻپ ۽ اقبالمندي انهيءَ ناموس کان وڌيڪ آهي جا مون ٻڌي هئي.
شل منهنجا خيال کيس پسند اچن: آءٌ خداوند ۾ خوش رهندس.
ڇو جو تنهنجي ٻاجهہ منهنجين اکين اڳيان آهي؛ ۽ آءٌ تنهنجيءَ سچائيءَ تي هليو آهيان.
مون تنهنجي سچائي پنهنجيءَ دل ۾ لڪائي نہ رکي آهي؛ مون تنهنجيءَ وفاداريءَ ۽ نجات کي ظاهر ڪيو آهي: ۽ تنهنجي ٻاجهہ ۽ سچائي وڏيءَ جماعت کان ڳجهي ڪانہ رکي اٿم.
۽ صيون بابت چيو ويندو تہ هي ۽ هو ماڻهو اتي ڄائو هو؛ ۽ خدا تعاليٰ پاڻ انهي کي قائم ڪندو.
مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن.
هائو، اي خداوند اسين تنهنجي عدالتن جي رستي تي تنهنجي لاءِ منتظر ٿي رهيا آهيون؛ اسان جي روح جي خواهش تنهنجو نالو ۽ تنهنجي يادگار آهي.
۽ مڙهن ۽ ڪيريءَ جي سڄي وادي، ۽ سڀ ٻنيون قدرون جي نهر تائين، ۽ اُڀرندي ڏي گهوڙي واري دروازي جي ڪنڊ تائين، خداوند جي لاءِ پاڪ ٿينديون؛ اُهو پٽي ڪڍيو نہ ويندو، ۽ نہ وري ڪڏهن هيٺ اُڇلايو ويندو.