۽ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هنن پاڻ کي نماڻو ڪيو آهي، تڏهن خداوند جو ڪلام سمعياہ تي نازل ٿيو تہ ڇالاءِ جو هنن پاڻ کي نماڻو ڪيو آهي، تنهنڪري آءٌ هنن کي ناس نہ ڪندس پر آءٌ هنن کي ڪجهہ ڇوٽڪارو ڏيندس، ۽ منهنجي ڪاوڙ سيسق جي هٿان يروشلم تي نازل نہ ٿيندي.
جيڪي پاسي کان لنگهن ٿا سي توتي تاڙيون وڄائين ٿا؛ هو يروشلم جي ڌيءَ تي شوڪارا ٿا ڀرين ۽ پنهنجا ڪنڌ لوڏين ٿا، ۽ چون ٿا تہ هي اُهو شهر آهي ڇا جنهن کي ماڻهو سونهن جو ڪمال، ۽ سڄيءَ زمين جي خوشي سڏيندا هئا.