Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 48:2 - Sindhi Bible

2 اُتر پاسي صيون جبل، جو وڏي بادشاهہ جو شهر آهي، سو بلند، خوشنما ۽ ساريءَ زمين جي خوشي جو سبب آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 سو انهيءَ عظيم بادشاهہ جو شهر آهي. بلڪ صيئون جبل ئي خدا جو گھر آهي. اهو جبل بلنديءَ ۾ خوشنما، ۽ سڄي ڌرتيءَ جي خوشيءَ جو باعث آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 48:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جو يروشلم ۾ ٿو رهي، سو شل صيون ۾ مبارڪ هجي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.


صيون جو سونهن ۾ ڪامل آهي، تنهن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيو آهي.


سالم ۾ هن جو خيمو آهي، ۽ صيون ۾ هن جي رهڻ جي جاءِ آهي.


اي خدا جا لشڪر، تو بابت جلال واريون ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن.


خداوند اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو؛ ڇو جو خداوند اسان جو خدا پاڪ آهي.


۽ تو پنهنجي دل ۾ چيو تہ آءٌ چڙهي آسمان ۾ ويندس، آءٌ پنهنجو تخت خدا جي تارن کان بہ مٿي رکندس؛ ۽ آءٌ جماعت واري جبل تي، اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾ وڃي ويهندس:


۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ خداوند جي گهر وارو جبل، جبلن جي چوٽيءَ تي قائم ٿيندو، ۽ ٽڪرين کان مٿي ڪيو ويندو، ۽ سڀ قومون ڏانهس ڊوڙنديون.


۽ جن توکي ستايو آهي تن جا پٽ مٿو جهڪائي تو وٽ ايندا؛ ۽ جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي سي سڀ تنهنجن پيرن جي ترين وٽ سجدو ڪندا؛ ۽ توکي خداوند جو شهر ۽ اسرائيل جي قدوس جو صيون سڏيندا.


اوهين يروشلم سان خوشي ڪريو، ۽ اوهين سڀ جي هن کي پيار ٿا ڪريو سي هن لاءِ خوش ٿيو:


پر مون چيو تہ ڪيئن آءٌ توکي پنهنجي اولاد ۾ داخل ڪريان، ۽ توکي هڪڙي سٺي ملڪ ۾، يعني قومن جو چڱي ۾ چڱو حصو ورثو ڪري ڏيان؟ ۽ مون چيو تہ اوهين مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندا؛ ۽ منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦري نہ ويندا.


جيڪي پاسي کان لنگهن ٿا سي توتي تاڙيون وڄائين ٿا؛ هو يروشلم جي ڌيءَ تي شوڪارا ٿا ڀرين ۽ پنهنجا ڪنڌ لوڏين ٿا، ۽ چون ٿا تہ هي اُهو شهر آهي ڇا جنهن کي ماڻهو سونهن جو ڪمال، ۽ سڄيءَ زمين جي خوشي سڏيندا هئا.


تڏهن انهي ڏينهن مون انهي لاءِ هنن سان قسم کاڌو تہ هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي انهي زمين ۾ آڻيان، جا مون هنن لاءِ ڏسي جاچي ڇڏي هئي، جنهن ۾ ماکي ۽ کير پئي وهيو، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر هئي.


پر جيڪو هن تي ڪاهي ايندو، سو پنهنجي مرضيءَ موجب هلندو، ۽ ڪوبہ انهي جي سامهون بيهي نہ سگهندو: ۽ هو انهيءَ وڏائيءَ واري زمين ۾ بيهندو، ۽ هن جي هٿ ۾ خرابي هوندي.


۽ هو سمنڊ ۽ جلال واري پاڪ جبل جي وچ ۾ پنهنجي محلات جا تنبو کوڙيندو؛ انهي هوندي بہ نيٺ پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچندو، ۽ ڪوبہ مدد نہ ڪندس.


۽ انهن مان هڪڙي منجهان هڪڙو ننڍو سڱ نڪتو، جو وڌندو وڃي تمام وڏو ٿيو، ۽ اُنهي جو رخ ڏکڻ ڏانهن، ۽ اُڀرندي ڏانهن، ۽ انهي شانائتي زمين ڏانهن هو.


پر لعنت آهي اُنهيءَ دغاباز تي، جنهن جي گلي ۾ نر هوندي بہ هو خداوند جي لاءِ عيب واري جانور جي مڃت مڃي اُها قربان ٿو ڪري: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان، ۽ منهنجو نالو قومن ۾ مهيب آهي.


۽ سڀ قومون اوهان کي خوشنود چونديون، ڇالاءِ جو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين هڪڙو وڻندڙ ملڪ ٿيندا.


نڪي زمين جو، ڇالاءِ جو اُها سندس پيرن جي صندلي آهي؛ نڪي يروشلم جو، ڇالاءِ جو اُهو وڏي بادشاهہ جو شهر آهي.


پر اوهين صيون جبل وٽ، زندہ خدا جي شهر، يعني آسمان واري يروشلم وٽ آيا آهيو، ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ