Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 47:4 - Sindhi Bible

4 هو اسان لاءِ اسان جو ورثو چونڊي ڪڍندو، جو سندس محبوب يعقوب جي حشمت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هن اسان جي لاءِ اسان جو ورثي وارو ملڪ چونڊي ڪڍيو آهي، جيڪو بني اسرائيل جو فخر آهي، جن سان هو پيار ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 47:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ اسين هڪڙو غير فاني، ۽ بي داغ، ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جو خاص اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي.


ڇالاءِ جو خداوند يعقوب جي رونق کي اسرائيل جي رونق وانگر وري آڻيندو: ڇالاءِ جو خالي ڪرڻ وارن انهي کي خالي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هن جي ڊاک جي ٽارين کي چٽ ڪري ڇڏيو اٿن.


خداوند خدا پنهنجو قسم کنيو آهي، ۽ خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يعقوب جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ هن جي محلاتن کان مون کي نفرت ٿي اچي؛ تنهنڪري آءٌ اُهو شهر ۽ جيڪي منجهس آهي، تنهن کي رد ڪندس.


خداوند، يعقوب جي وڏائيءَ جو هي قسم کنيو آهي، تہ آءٌ هنن جو ڪوبہ ڪم ڪڏهن وساري نہ ڇڏيندس.


آءٌ هنن جي ڪوتاهيءَ جو علاج ڪندس، ۽ هنن کي کلي دل سان پيار ڪندس، ڇالاءِ جو منهنجي ڪاوڙ هنن کان ڦري ويئي آهي.


۽ اوهان جون روحاني اکيون روشن ٿين، تہ اوهان کي خبر پوي تہ هن جو اوهان کي ڪوٺيو آهي، تنهن جي ڪهڙي اُميد آهي، ۽ هن جي ميراث جي جلال جي دولت پاڪ ٿيلن ۾ ڪهڙي آهي؛


انهي وقت بادشاهہ ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ اي منهنجي پيءُ جا سڳورا اچو ۽ جيڪا بادشاهت دنيا جي شروعات کان ئي اوهان جي لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي سا ورثي ۾ وٺو:


خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان سان محبت رکي، پر تڏهن بہ اوهين ٿا چئو تہ تو ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسان سان محبت رکي آهي؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ عيسو يعقوب جو ڀاءُ نہ هو ڇا؟ تہ بہ مون يعقوب سان محبت رکي؛


تڏهن انهي ڏينهن مون انهي لاءِ هنن سان قسم کاڌو تہ هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي انهي زمين ۾ آڻيان، جا مون هنن لاءِ ڏسي جاچي ڇڏي هئي، جنهن ۾ ماکي ۽ کير پئي وهيو، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر هئي.


پر مون چيو تہ ڪيئن آءٌ توکي پنهنجي اولاد ۾ داخل ڪريان، ۽ توکي هڪڙي سٺي ملڪ ۾، يعني قومن جو چڱي ۾ چڱو حصو ورثو ڪري ڏيان؟ ۽ مون چيو تہ اوهين مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندا؛ ۽ منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦري نہ ويندا.


جيئن تہ توکي ڇڏي ڏنو اٿن ۽ تو کان نفرت ڪئي اٿن، ايتري قدر جو ڪوبہ ماڻهو تو منجهان نٿي لنگهيو، تيئن آءٌ توکي هميشہ لاءِ اقبالمندي بخشيندس ۽ گهڻين پيڙهين لاءِ خوشي بنائيندس.


ملڪ ۾ جيڪي پاڪ آهن، اُهي ئي وڏا آهن، انهن ۾ ئي منهنجي پوري خوشي آهي.


اهو ملڪ جنهن کي خداوند تنهنجو خدا سنڀالي ٿو؛ ۽ سال جي شروعات کان وٺي سال جي پڇاڙيءَ تائين، خداوند تنهنجي خدا جي نظر سدائين انهي تي ٿي رهي.


هائو، هو اُمت کي پيار ٿو ڪري، هن جا سڀ پاڪ ماڻهو تنهنجي هٿ ۾ آهن: ۽ اهي تنهنجن قدمن وٽ ويٺا؛ هرڪو تنهنجي ڪلام کي قبوليندو.


يعني پنهنجي بندي اسرائيل کي ميراث ڪري ڏنائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ