Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 47:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو خداوند تعاليٰ هيبتناڪ آهي؛ هو ساري زمين جو شهنشاهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڇاڪاڻ تہ خداوند تعاليٰ ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪمِ اعليٰ آهي. قومن کي گھرجي تہ اهي کانئس ڊڄن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 47:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مون چيو تہ اي خداوند، آسمان جا خدا، عظيم ۽ هيبت وارا خدا، تون جو انهن سان عهد پورو ڪرين ٿو، ۽ انهن تي رحم ڪرين ٿو، جي تو سان محبت ٿا رکن، ۽ تنهنجا حڪم بجاءِ ٿا آڻين، سو تون منهنجو عرض ٻڌ:


۽ ماڻهو تنهنجي قدرت جي خوفناڪ ڪمن جو ذڪر ڪندا؛ ۽ آءٌ تنهنجي عظمت جو بيان ڪندس.


ڇو جو خدا سڄي زمين جو بادشاهہ آهي: عقل سان سندس تعريف ڳايو.


اي اسان جي نجات جا خدا، تون زمين جي سڀني حدن جو، ۽ جيڪي پري سمنڊ تي آهن تن جو آسرو آهين: تون اسان کي خوفناڪ ڳالهيون ڏيکاري سچائيءَ سان جواب ٿو ڏين.


اي خدا تون پنهنجي پاڪ مڪانن ۾ هيبتناڪ آهين: اسرائيل جو خدا پنهنجي ماڻهن کي زور ۽ طاقت ٿو بخشي. شل خدا مبارڪ هجي.


هو سردارن جو ساهہ سڪائي ڇڏيندو: هو زمين جي بادشاهن لاءِ هيبتناڪ آهي.


ڇالاءِ جو خداوند خدا ئي عظيم آهي، ۽ سڀني معبودن جي مٿان بادشاهہ آهي.


ڀلي تہ اهي تنهنجي عظيم ۽ هيبتناڪ نالي جي تعريف ڪن: ڇو جو هو پاڪ آهي.


پر لعنت آهي اُنهيءَ دغاباز تي، جنهن جي گلي ۾ نر هوندي بہ هو خداوند جي لاءِ عيب واري جانور جي مڃت مڃي اُها قربان ٿو ڪري: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان، ۽ منهنجو نالو قومن ۾ مهيب آهي.


۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


جيڪڏهن تون هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، خبرداري سان عمل نہ ڪندين، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي جلالي ۽ خوفناڪ نالي کان ڊڄندو نہ رهندين؛


تون انهن کان ڪوبہ خوف نہ ڪج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، هو عظيم ۽ خوفناڪ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ