Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 45:3 - Sindhi Bible

3 اي پهلوان، تنهنجي ترار جا تنهنجي حشمت ۽ تنهنجو شان آهي، سا پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اي زور وارا! تون پنهنجي تلوار پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌ، جيڪا تنهنجي حشمت ۽ تنهنجو شان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 45:3
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اڃا هنن ائين ئي پئي ڳالهايو تہ ٻيو بہ هڪڙو آيو ۽ چوڻ لڳو تہ، خدا جي باهہ آسمان مان ڪري آهي، ۽ رڍن کي ۽ نوڪرن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيو اٿس؛ ۽ رڳو آءٌ بچي نڪتو آهيان جو توکي اچي خبر ڏني اٿم.


اي منهنجي جان تون خداوند کي مبارڪ چئو. اي خداوند منهنجا خدا تون تمام عظيم آهين؛ تون شان ۽ شوڪت سان ڍڪيل آهين.


تہ بني آدم تي تنهنجا قدرت جا ڪم، ۽ تنهنجي شان واريءَ بادشاهت جو جلال ظاهر ڪن.


آءٌ تنهنجي جلال واري شان ۽ شوڪت تي، ۽ تنهنجي عجيب ڪمن تي غور ڪندو رهندس.


تنهنجيءَ نجات ۾ هن جو وڏو جلال آهي: تون هن کي شان ۽ شوڪت عطا ٿو ڪرين.


ڇو جو بادشاهہ جو ڀروسو خداوند تي آهي، ۽ خدا تعاليٰ جي ٻاجهہ ڪري هن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو.


مان ۽ شان هنجي حضور ۾ آهن: قدرت ۽ جمال سندس پاڪ مڪان ۾ آهن.


جيئن جهنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن منهنجو محبوب نوجوانن ۾ آهي. آءٌ ڏاڍي خوشيءَ سان هن جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيس، ۽ هن جو ميوو مون کي مٺو لڳو.


هن جا ڳل مصالحن جي چمن جهڙا، خوشبودار سبزن جي ڪنڌين وانگر آهن: هن جا چپ سوسن وانگر آهن، جن مان پٽڙي مر جا ڦڙا پيا ڪرن.


هن منهنجي وات کي تکي ترار وانگي ڪيو آهي، هن مون کي پنهنجي هٿ جي پاڇي ۾ لڪايو آهي؛ هن مون کي چمڪندڙ تير وانگي ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجيءَ بٿيءَ ۾ پنهنجي ويجهو رکيو اٿس.


جيڪو ڪلام هن بني اسرائيل ڏانهن موڪليو، جڏهن ڪ يسوع مسيح (جو سڀني جو خداوند آهي) تنهن جي وسيلي صلح جي خوشخبري ٻُڌايائين.


ڇالاءِ جو مسيح انهي مطلب لاءِ مُئو ۽ وري جي اُٿيو، تہ هو مُئلن توڙي جيئرن، ٻنهي جو خداوند ٿئي.


هو سندس جلال جو جلوو ۽ خود سندس ذات جو نقش ٿي، سڀني شين کي پنهنجي قدرت جي ڪلام سان سنڀالي ٿو، ۽ گناهن کي ڌوئي صاف ڪري، قادر مطلق جي ساڄي پاسي بالا عالم ۾ وڃي ويٺو؛


ڇالاءِ جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ مؤثر آهي، ۽ ٻہ ڌاري ترار کان بہ تکو آهي، ۽ اندر ۾ اهڙو چُڀيو وڃي، جو جان ۽ روح کي، سَنڌن توڙي گودي کي ڌار ڪيو وجهي، ۽ دل جي خيالن ۽ ارادن کي ظاهر ٿو ڪري.


هاڻي جيڪي ڳالهيون اسين پيا چئون، تن جو خاص مطلب هي آهي: تہ اسان جو سردار ڪاهن اهڙو آهي جو آسمانن تي قادر مطلق جي تخت جي ساڄي پاسي ويٺو آهي،


اُنهي واحد خدا، اسان جي نجات ڏيندڙ کي، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي، جلال ۽ عظمت ۽ بادشاهي ۽ قدرت، ازل کان ۽ هاڻي ۽ هميشہ تائين هجي. آمين.


۽ انهي جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا: ۽ هن جي وات مان هڪڙي ٻہ منهين ترار ٿي نڪتي: ۽ اُنهي جي شڪل چمڪندڙ سج جهڙي هئي.


۽ هن جي وات مان هڪڙي تکي ترار ٿي نڪتي، تہ هو قومن کي ماري: ۽ هو مٿن لوهہ جي لٺ سان حڪومت ڪري؛ ۽ قادر مطلق خدا جي خوفناڪ غضب جي شراب جي چيچڙي کي هو لتاڙيندو.


۽ باقي ٻيا انهي گهوڙي سوار جي ترار سان، يعني جا ترار سندس وات مان ٿي نڪتي، تنهن سان مارجي ويا: ۽ سڀيئي پکي انهن جي گوشت مان ڍاپي پيا.


۽ اهود پنهنجي لاءِ هڪڙي ٻہ منهين ترار ٺاهي، جا هڪ هٿ ڊگهي هئي، ۽ اُها هن پنهنجي ڪپڙن جي هيٺان ساڄي ران تي ٻڌي ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ