Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 42:9 - Sindhi Bible

9 خدا جو منهنجو ٽڪر آهي، تنهن کي آءٌ چوندس تہ تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ ڇو آءٌ پنهنجي دشمن جي ظلم جي ڪري ماتم پيو ڪريان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 آءٌ خدا کي، جيڪو منهنجو محافظ آهي چوان ٿو تہ ”تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجي دشمنن جي ظلم ڪري روئندو رڙندو پيو وتان؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 42:9
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، تون ڪيستائين مونکي وساريندين، هميشہ لاءِ وساري ڇڏيندين ڇا؟ ڪيستائين تون پنهنجو منهن مون کان لڪائي ڇڏيندين؟


خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو قلعو، ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي؛ منهنجو خدا، منهنجو مضبوط ٽڪر آهي، اُنهيءَ تي آءٌ ڀروسو رکندس: هو منهنجي ڍال ۽ منهنجيءَ نجات جو سڱ، ۽ منهنجو مٿانهون ٺلهہ آهي.


اي خداوند، آءٌ توکي پڪاريندس؛ اي منهنجا ٽڪر، منهنجي ٻڌي اڻٻڌي نہ ڪر: متان ائين ٿئي تہ جڏهن تون مون ڏانهن خاموش رهين، تہ پوءِ آءٌ انهن جهڙو ٿيان جي قبر ۾ ٿا پون.


آءٌ ڏکي آهيان، ۽ ڏاڍو جهڪي پيو آهيان؛ ۽ سڄو ڏينهن روئندو وتان.


ڇو جو تون ئي منهنجي طاقت جو خدا آهين؛ تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ ڇو آءٌ پنهنجي دشمن جي ظلم جي ڪري ماتم ڪندو وتان؟


دشمن جي واڪي، ۽ بدڪار جي ظلم ڪري؛ ڇو جو اُهي مون سان بڇڙائي ٿا ڪن، ۽ غصي ۾ مونکي ستائين ٿا.


رڳو اهو ئي منهنجو ٽڪر ۽ منهنجي نجات آهي: اهو ئي منهنجو اوچو ٺلهہ آهي؛ سو مون کي لوڏو ئي ڪين ايندو.


خدا رحم ڪرڻ ڀلجي ويو آهي ڇا؟ هن غصي ۾ پنهنجي ٻاجهہ کي روڪي ڇڏيو آهي ڇا؟


۽ ياد ڪيائون تہ خدا اسان جو ٽڪر آهي، ۽ خدا تعاليٰ اسان جو ڇڏائيندڙ آهي.


ڏک جي ڪري منهنجين اکين ۾ ڌنڌ ٿي پيو آهي: اي خداوند، آءٌ هر روز تو ڏانهن پنهنجا هٿ کڻي توکي پيو پڪاريان.


ڏهن تارن واري ساز سان، بربط سان، ۽ ستار جي مٺي آواز سان ڪهڙو نہ چڱو آهي.


تنهن کان پوءِ آءٌ موٽي آيس ۽ جيڪي ظلم سج هيٺان پيا ٿين سي ڏٺم: ۽ ڏسو، جن مظلومن ڳوڙها پئي ڳاڙيا تن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو؛ ۽ انهن جي ظالمن جي طرف طاقت هئي، پر هنن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو.


اي يعقوب تون ڇو ٿو چوين، ۽ اي اسرائيل تون ڇو اهڙي ڳالهہ ٿو ڪرين، تہ منهنجو رستو خداوند کان لڪل آهي، ۽ منهنجي عدالت منهنجي خدا کان لنگهي وئي آهي؟


زال پنهنجي کير پياڪ ٻار کي اهڙو وساري ڇڏيندي ڇا جو پنهنجي پيٽ جي پٽ تي بہ رحم نہ اچيس؟ هائو، اُهي وساري بہ ڇڏين، پر آءٌ توکي ڪين وساريندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ