Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 42:2 - Sindhi Bible

2 منهنجي جان خدا لاءِ يعني زندہ خدا لاءِ اُڃايل آهي: آءٌ ڪڏهن وڃي خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 آءٌ ڪڏهن تنهنجي حضور ۾ ايندس؟ ڪڏهن اچي اُتي حاضر ٿيندس؟ اي خدا! اي جيئرا خدا! آءٌ تنهنجي ديدار جو اڃايل آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 42:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڙي جي مون کي خبر پوي تہ هو ڪٿي لڀندو، تہ جيڪر ان جي مسند تائين بہ وڃي نڪران!


مون خداوند کي هڪڙو سوال ڪيو آهي، ۽ انهي جو آءٌ طالب رهندس؛ تہ آءٌ سڄي ڄمار خداوند جي گهر ۾ گذاريان، ۽ خداوند جو جمال ڏسان، ۽ سندس هيڪل ۾ ڌيان ڪريان.


تڏهن آءٌ خدا جي قربان گاهہ وٽ ويندس، يعني انهيءَ خدا وٽ جو منهنجي ڪمال خوشي آهي: اي خدا، منهنجا خدا، آءٌ بربط وڄائي تنهنجي تعريف ڪندس.


اي خدا، تون منهنجو خدا آهين؛ آءٌ سويرو ئي توکي ڳوليندس: خشڪ ۽ ويران زمين ۾ جتي پاڻي ڪونهي، منهنجي جان تو لاءِ سِڪايل ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي.


ڇو جو تنهنجي ٻاجهہ حياتيءَ کان بہ چڱي آهي؛ منهنجو وات تنهنجي تعريف ڪندو.


ڇالاءِ جو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بڇڙن جي تنبن ۾ رهڻ کان مون کي پنهنجي خدا جي گهر جو دربان ٿيڻ پسند آهي.


منهنجي جان خداوند جي درگاهہ لاءِ ڏاڍي پيئي سڪي، هائو، هن لاءِ بيحال آهي؛ منهنجي دل ۽ منهنجو جسم ٻئي زندہ خدا کي پيا پڪارين.


مبارڪ آهن اهي جيڪي تنهنجي گهر ۾ ٿا رهن: اهي سدائين تنهنجي تعريف ڪندا رهندا.


اهي طاقت ۾ وڌندا ٿا وڃن، انهن مان هرڪو صيون ۾ خدا جي حضور ۾ حاضر ٿو ٿئي.


سال ۾ ٽي ڀيرا تنهنجا سڀ مرد خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين.


هائو، اي خداوند اسين تنهنجي عدالتن جي رستي تي تنهنجي لاءِ منتظر ٿي رهيا آهيون؛ اسان جي روح جي خواهش تنهنجو نالو ۽ تنهنجي يادگار آهي.


پر خداوند سچو خدا آهي؛ هو جيئرو خدا، ۽ دائم قائم بادشاهہ آهي: ان جي ڪاوڙ تي زمين ڏڪي ٿي، ۽ قومون ان جو غصو سهي نٿيون سگهن.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم ٻہ خرابيون ڪيون آهن؛ مون جيئري پاڻيءَ جي چشمي کي هنن ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ حوض، بلڪ ڀڳل حوض ٽڪي ٺاهيا اٿن جي پاڻي جهلي نٿا سگهن.


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي بادشاهت جي سڀني ڀاڱن ۾ ماڻهو داني ايل جي خدا جي حضور ڏڪن ۽ ڊڄن: ڇالاءِ جو اهو ئي جيئرو خدا آهي ۽ هميشہ قائم آهي، ۽ هن جي بادشاهت اهڙي آهي جا ناس ٿيڻ جي ڪانهي، ۽ هن جي حڪومت پڇاڙيءَ تائين قائم رهندي.


ڇالاءِ تہ جيئن پيءُ کي خود پاڻ ۾ زندگي آهي، تيئن هن پٽ کي بہ بخشيو آهي تہ منجهس زندگي هجي:


تڏهن عيد جي پوئين ڏينهن، جو خاص ڏينهن هو، يسوع بيهي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو اُڃايل هجي تہ اُهو مون وٽ اچي پيئي.


ڇالاءِ جو هو پاڻ اسان جي نسبت ۾ ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان وٽ اسان جو اچڻ ٿيو؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح اوهين بُتن کي ڇڏي خدا ڏانهن ڦريا، تہ اُن سچي ۽ زندہ خدا جي بندگي ڪريو،


۽ يشوع چيو تہ انهي ڪري اوهان کي خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي، ۽ هو ضرور ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ حوين، ۽ فرزين، ۽ جرجاسين، ۽ امورين، ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍندو.


۽ هن مون کي آبِ حيات جي هڪڙي ندي ڏيکاري، جا بلور وانگر پئي چمڪي، ۽ انهي شهر جي سڙڪ جي وچ ۾ خدا ۽ گهيٽي جي تخت مان ٿي نڪتي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ