Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 41:3 - Sindhi Bible

3 خداوند بيماريءَ جي وقت سندس سار لهندو: تون انهي جي بيماريءَ جي بستري کي بدلي برابر ڪندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 بيماريءَ جي وقت تي خداوند انهن جي سار لهندو. هائو، بيماريءَ جي بستري تي هو کين تندرستي بخشيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 41:3
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ کي چيائين تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ تو جو عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليا آهن سو انهيءَ ڪري ڇا تہ اسرائيل ۾ اهڙو ڪو خدا ڪونهي جنهن کان پڇا ڪري خبر وٺجي؟ تنهنڪري جنهن هنڌ تي تون چڙهيو آهين انهيءَ تان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور مرندين.


تڏهن هنن چيو تہ هڪڙو ماڻهو اسان کي اچي گڏيو، ۽ اسان کي چيائين تہ جنهن بادشاهہ اوهان کي موڪليو آهي تنهن وٽ موٽي وڃو، ۽ چئوس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو تو عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇائي موڪليو آهي؟ تنهنڪري جنهن هنڌ تي تون چڙهيو آهين انهيءَ کان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور تون مرندين.


منهنجو جسم ۽ منهنجي دل لهي ويئي آهي: پر خدا هميشہ جي لاءِ منهنجي دل جو زيور ۽ منهنجي ميراث آهي.


۽ خداوند اسان کي حڪم ڏنو، تہ هنن سڀني قانونن تي عمل ڪريون، ۽ خداوند اسان جي خدا کان ڊڄندا رهون، تہ هميشہ اسان جو ڀلو ٿئي، ۽ هو اسان کي جيئرو رکي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ