Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 40:6 - Sindhi Bible

6 تون قربانيءَ ۽ نذراني کان خوش نٿو ٿين ۽ تو منهنجا ڪن کوليا آهن؛ تو سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ڪانہ طلبي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تون قرباني يا نذرانو ڪونہ ٿو چاهين، نڪي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا ساڙڻ واري قرباني ئي تو گھري آهي. بلڪ تو منهنجا ڪن کولي ڇڏيا آهن، تان‌تہ تنهنجي ٻڌي آءٌ فرمانبرداري ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 40:6
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هو ماڻهن جا ڪن کولي ٿو، ۽ هنن جي تعليم تي مهر هڻي ٿو ڇڏي،


جو اهڙا وڏا وڏا ڪم ٿو ڪري، جي تپاس ڪرڻ کان ٻاهر آهن، عجيب غريب ڪم، جي شمار ڪرڻ کان ٻاهر آهن:


اي خدا تنهنجا خيال مون لاءِ ڪهڙا نہ قيمتي آهن! انهن جو شمار ڪيڏو نہ وڏو آهي!


جيڪڏهن آءٌ انهن کي ڳڻيان تہ اهي شمار ۾ ريتيءَ کان بہ گهڻا آهن: جنهن مهل آءٌ جاڳان ٿو تنهن مهل آءٌ پاڻ کي تو ساڻ ٿو لهان.


آءٌ توکي تنهنجن قربانين جي ڪري ڏوراپو نہ ڏيندس؛ ۽ تنهنجون سوختني قربانيون سدائين منهنجي سامهون آهن.


ڇو جو تون قربانيءَ مان خوش نٿو ٿين، نہ تہ آءٌ اها پيش ڪريان: سوختني قربانيءَ ۾ بہ توکي خوشي ڪانهي.


منهنجو وات سڄو ڏينهن تنهنجيءَ راستبازيءَ ۽ نجات جو بيان ڪندو، ڇالاءِ جو انهي جي شمار جي مون کي خبر ڪانهي.


تہ هن جو مالڪ کيس خدا جي حضور ۾ وٺي ايندو، ۽ کيس در تي يا در جي چانئٺ تي آڻيندو؛ ۽ سندس مالڪ آر سان هن جي ڪن ۾ سوراخ ڪندو؛ پوءِ هو هميشہ جي لاءِ سندس غلام ٿي رهندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ اوهان جون هيتريون گهڻيون قربانيون منهنجي لاءِ ڪهڙي ڪم جون آهن؟ آءٌ گهيٽن جي ساڙڻ وارين قربانين سان ۽ پاليل جانورن جي چرٻيءَ سان ڀريو پيو آهيان؛ ۽ مون کي ڍڳن يا گهيٽن يا ٻڪرن جي رت مان خوشي حاصل نٿي ٿئي.


اي خداوند تون منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي جي تعريف؛ ڇالاءِ جو تو عجب ۽ غريب ڪم ڪيا آهن، يعني تنهنجون مصلحتون قديم کان وفاداري ۽ سچيون آهن.


ڍڳي جو ذبح ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ وارو؛ گهيٽي جي قرباني ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ڪتي جي سسي وڍڻ وارو؛ نذرانو پيش ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو سوئر جو رت پيش ڪرڻ وارو؛ لوبان ساڙيندڙ اهڙو آهي جهڙو بت کي مبارڪ چوڻ وارو: هائو، انهن پنهنجا رستا پسند ڪيا آهن، ۽ انهن جو روح سندن ڪراهت وارين شين سان راضي ٿو رهي؛


ڇالاءِ جو مون کي رحم پسند آهي، نہ قرباني؛ ۽ خدا جي ڄاڻپ، سوختني قربانين کان وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.


هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ بہ اُهي آءٌ قبول نہ ڪندس: نڪي اوهان جي ٿلهن جانورن سان سلامتيءَ جي قرباني تي ڪو ڌيان ڏيندس.


پر جيڪڏهن اوهان کي هن جي معنيٰ جي خبر هجي ها، تہ مون کي رحم پسند آهي ۽ نہ قرباني، تہ جيڪر اوهين بي ڏوهين کي ڏوهاري نہ سمجهو ها،


پر اوهين وڃي هن جي معنيٰ سمجهو، تہ مون کي رحم پسند آهي ۽ نہ قرباني؛ ڇالاءِ جو آئون سچارن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ آيو آهيان.


۽ سموئيل چيو تہ خداوند کي جهڙي سندس حڪم جي مڃڻ مان خوشي ٿيندي آهي، اهڙي ڪا سوختني قربانيءَ ۽ ذبح ڪرڻ وارين قربانين مان ٿيندي آهي ڇا؟ ڏس، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم مڃڻ گهٽن جي چرٻي کان بهتر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ