Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 40:5 - Sindhi Bible

5 اي خداوند منهنجا خدا جيڪي عجيب ڪم تو ڪيا آهن، ۽ اسان ڏانهن جيڪي تنهنجا خيال آهن سي گهڻيئي آهن: اهي تنهنجي اڳيان ترتيب وار شمار ڪري ڪين سگهبا؛ جيڪڏهن آءٌ اهي ظاهر ڪريان ۽ انهن جو بيان ڪريان، تہ اهي ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اي خداوند، منهنجا خدا! تو گھڻا ئي عجيب ڪم ڪيا آهن. اسان جي لاءِ تدبيرون ڪرڻ ۾ تو مثل ڪو ئي ناهي. اسان لاءِ تنهنجا ڪيل ڪم ايترا تہ بي‌شمار آهن، جو آءٌ پنهنجي سڄي حياتي بہ انهن سڀني کي بيان ڪري نہ ٿو سگھان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 40:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، اهي تہ فقط هن جي رستن جا پاسا ۽ ڪنڊون آهن، اسين هن جو آواز ڪهڙو نہ ماٺيڻو ٻڌون ٿا! پر هن جي زبردست ڪمن جي گجگوڙ ڪير سمجهي ٿو سگهي؟


جو اهڙا وڏا وڏا ڪم ٿو ڪري، جي تپاس ڪرڻ کان ٻاهر آهن، عجيب غريب ڪم، جي شمار ڪرڻ کان ٻاهر آهن:


جو اهڙا وڏا ڪم ڪري ٿو جي سمجهہ کان ٻاهر آهي، هائو، بيشمار عجيب ڪم.


انهي جو ئي جو اڪيلو وڏا وڏا ۽ عجيب ڪم ٿو ڪري: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


اهڙو علم منهنجي لاءِ تمام عجيب آهي؛ اهو بلند آهي، ۽ آءٌ انهي کي پهچي نٿو سگهان.


منهنجو وات سڄو ڏينهن تنهنجيءَ راستبازيءَ ۽ نجات جو بيان ڪندو، ڇالاءِ جو انهي جي شمار جي مون کي خبر ڪانهي.


پر مون لاءِ اهو چڱو آهي تہ خدا کي ويجهو ٿيان: مون خداوند خدا کي پنهنجي پناهہ جي جاءِ ڪيو آهي، تہ تنهنجي سڀني ڪمن جو بيان ڪريان.


اي خداوند تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ عظيم آهن! تنهنجا خيال تمام اونها آهن.


۽ تنهنجا هي سڀ نوڪر مون وٽ ايندا ۽ منهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائي چوندا تہ تون ۽ تنهنجا ماڻهو، جيڪي تنهنجي پيروي ٿا ڪن، سي سڀ هليا وڃو: انهيءَ کان پوءِ آءٌ ويندس. پوءِ هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ فرعون وٽان هليو ويو.


اي خداوند معبودن ۾ تو جهڙو ڪوبہ ڪونهي: تو وانگر پاڪيزگيءَ ۾ جلال وارو، صفتن ۾ هيبت وارو، ۽ معجزا ڪندڙ، ٻيو ڪير آهي؟


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي اوهان جي حق ۾ منهنجا خيال آهن، سي آءٌ ڄاڻان ٿو، اُهي خير سلامتيءَ جا خيال آهن نہ خرابي جا، يعني تہ اوهان جي پڇاڙيءَ ۾ اوهان کي اُميد ڏيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ