Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 40:2 - Sindhi Bible

2 هن مون کي خوفناڪ کڏ ۽ ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍيو؛ ۽ منهنجا پير ٽڪر تي رکيا، ۽ منهنجيءَ چال کي قائم ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هن مون کي خوفناڪ کڏ، ۽ غلاظت واريءَ ڌٻڻ منجھان ٻاهر ڪڍيو، ۽ منهنجا پير ٽڪر تي رکي منهنجي چال کي قائم ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 40:2
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون ۽ قبر جا درد مون تي اچي پيا: آءٌ ڏک ۽ غم ۾ جهلجي ويس.


پنهنجي ڪلام موجب منهنجيءَ چال کي درست ڪر، ائين نہ ٿئي جو ڪا برائي مون تي غالب پئجي وڃي.


ڇالاءِ جو دشمن منهنجيءَ جان کي ڏاڍو ستايو آهي؛ هن منهنجيءَ حياتيءَ کي پٽ پڇاڙيو آهي: جيڪي گهڻيءَ مدت کان مري ويا آهن تن وانگي مون کي اونداهين جاين ۾ رهايو اٿس.


منهنجا قدم تنهنجين واٽن تي قائم رهيا آهن، منهنجا پير ترڪيا نہ آهن.


تو منهنجي هيٺان منهنجي قدمن جي واٽ ڪشادي ڪئي آهي، جنهن ڪري منهنجا پير ڪين ترڪيا آهن.


تڏهن زمين ڌڏي ۽ ڏڪي ويئي، ۽ جبلن جون پاڙون چُرڻ ۽ لڏڻ لڳيون ڇو جو هو ڪاوڙيو هو.


ڇالاءِ جو مصيبت جي ڏينهن هو مون کي پنهنجي تنبوءَ ۾ پناهہ ڏيندو: ۽ مون کي پنهنجي خيمي جي پڙدي ۾ لڪائيندو؛ هو مون کي ٽڪر تي چاڙهي بيهاريندو.


جڏهن ماڻهوءَ جي واٽ خداوند کي وڻي ٿي: تڏهن هو انهي جي چال کي قائم ٿو ڪري.


جڏهن آءٌ دلگير ٿيندس، تڏهن زمين جي ڇيڙي کان توکي پڪاريندس: مون کي انهيءَ ٽڪر تي وٺي هل جو مون کان مٿانهون آهي.


آءٌ اونهيءَ گپ ۾ گپندو ٿو وڃان، جنهن ۾ بيهڻ جي ڪا جاءِ ڪانهي: آءٌ اونهي پاڻيءَ ۾ اچي پيو آهيان، ۽ پاڻيءَ جي اُٿل منهنجي مٿان لنگهيو ٿي وڃي.


تو جنهن اسان کي گهڻيون ۽ سخت تڪليفون ڏيکاريون آهن، تون وري اسان کي جيئرو ڪندين، ۽ زمين جي تري مان اسان کي ڪڍي مٿي آڻيندين.


ڇو جو مون تي تنهنجي گهڻي ٻاجهہ آهي؛ تو منهنجي جان کي اوڙاهہ جي تري مان ڪڍيو آهي.


۽ هو ائين گڏ ڪيا ويندا جيئن قيدي بهري ۾ گڏ ڪبا آهن، ۽ قيدخاني ۾ بند ڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ گهڻن ڏينهن کان پوءِ انهن جي خبر لهندا.


۽ تنهنجي لاءِ ائين ٿيندو تہ تنهنجي عهد اقرار جي رت جي سبب آءٌ تنهنجن قيدين کي سُڪل کوهہ مان ڪڍي ايندس.


۽ اُنهن کي باهہ جي کوري ۾ اُڇلائي وجهندا: اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


پر اُنهيءَ کي خدا موت جي عذابن کان ڇڏائي اُٿاريو: ڇو جو ٿيڻي نہ هئي تہ هو موت جي قبضي ۾ رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ