Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 4:8 - Sindhi Bible

8 آءٌ بي فڪر ٿي ليٽندس ۽ ننڊ ڪندس ڇالاءِ جو رڳو تون ئي، اي خداوند، مونکي سلامتيءَ ۾ ٿو رکين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن بہ آءٌ ليٽان ٿو سلامتيءَ واري ننڊ ٿو ڪريان، ڇو تہ اي خداوند! تون ئي مون کي حفاظت سان ٿو رکين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 4:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون مون کي زندگيءَ جي واٽ ڏيکاريندين، تنهنجي حضور ۾ خوشيءَ جي ڀرپوري آهي: تنهنجي ساڄي هٿ ۾ مدامي سرهائي آهي.


آءٌ ليٽي پيس ۽ سمهي رهيس؛ آءٌ جاڳي اُٿيس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي سنڀالي ٿو.


جڏهن تون ليٽندين تڏهن ڊڄندين ڪين: هائو، تون ليٽندين تہ تنهنجي ننڊ مٺي ٿيندي.


جي ماڻهو اونداهيءَ ۾ هلندا هئا تن روشنائي ڏٺي آهي: جيڪي موت جي پاڇي واري زمين تي رهندا هئا، تن تي اها روشنائي چمڪي آهي.


۽ آءٌ هنن سان صلح جو عهد اقرار ڪندس، ۽ خراب جانورن کي انهي زمين مان موقوف ڪري ڇڏيندس: پوءِ هو سلامتيءَ سان بيابان ۾ رهندا ۽ ٻيلي ۾ سمهندا.


۽ انهي ڏينهن آءٌ هن جي پاران جهنگ جي جانورن، ۽ آسمان جي پکين، ۽ زمين جي سرندڙ شين سان عهد اقرار ڪندس: ۽ آءٌ انهي زمين مان ڪمان، ۽ ترار، ۽ لڙائي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان آرام ۾ ليٽائيندس.


۽ اوهان جي ان ڳاهڻ جو ڪم ڊاک چونڊڻ جي وقت تائين پيو هلندو، ۽ ڊاک چونڊڻ جو ڪم ان پوکڻ تائين پيو هلندو: ۽ اوهين ماني ڍؤ ڪري کائيندا، ۽ پنهنجي ملڪ ۾ صحيح سلامت پيا گذاريندا.


پر جڏهن اوهين يردن جي پار وڃي انهي ملڪ ۾ رهندا، جو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ٿو ڏئي، ۽ هو اوهان کي آسپاس وارن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندو، ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا؛


جنهن اسان لاءِ پنهنجي جان ڏني، انهي لاءِ تہ اسين جاڳون يا سمهون، تہ بہ ساڻس گڏ جيئون.


۽ مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ لک، تہ مبارڪ آهن اُهي مُردا جي اڄ کان وٺي مسيح ۾ ٿا مرن؛ روح چوي ٿو تہ هائو، هو پنهنجي پورهئي کان ڇُٽا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پنهنجن ڪمن جي ياداشت پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ