Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 4:6 - Sindhi Bible

6 گهڻيئي آهن جي چون ٿا تہ ڪير اسان سان ڀلائي ڪندو؛ اي خداوند تون پنهنجي چهري جو نور اسان تي چمڪاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 گھڻا ئي آهن جيڪي انساني ڀلائي چاهين ٿا. پر اي خداوند! آءٌ تنهنجي ڪرم جي نگاهہ جو طالبو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 4:6
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجي بندي تي پنهنجو منهن چمڪاءِ؛ ۽ مون کي پنهنجا قانون سيکار.


ڇالاءِ جو تون هن کي هميشہ سراسر مبارڪ ٿو ڪرين: ۽ کيس پنهنجي حضور خوش ٿو رکين.


بيشڪ هرڪو ماڻهو اجائي ڏيک سان ٿو هلي: ۽ اجايو بي آرام ٿو ٿئي: هو مال گڏ ٿو ڪري ۽ خبر ڪانہ اٿس تہ اُهو ڪنهن کي ملندو.


اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اُميد رک: ڇو جو هن جي نجات بخش ديدار لاءِ آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس.


ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ترار سان ملڪ قبضي ۾ نہ آندو، نڪي پنهنجيءَ ٻانهن سان پاڻ کي بچايائون؛ پر تنهنجي ساڄي هٿ، ۽ تنهنجيءَ ٻانهن، ۽ تنهنجي منهن جي سوجهري ائين ڪيو، ڇو جو تون مٿن مهربان هئين.


شل خدا اسان تي رحم ڪري، ۽ اسان کي برڪت ڏئي، ۽ پنهنجو چهرو اسان تي چمڪائي:


اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر؛ پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.


اي لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر، پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.


مبارڪ آهي اها اُمت جا خوشيءَ جي آواز کي سمجهي ٿي: اي خداوند اهي تنهنجي چهري جي نور ۾ ٿا هلن.


جا شيءِ ماني ٺاهي تنهن لاءِ پئسو ڇو ٿا خرچيو؟ جنهن شيءِ مان ڍءُ نٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌو، ۽ جيڪي چڱو آهي سو کائو، ۽ ڀلي تہ اوهان جي جان سڻڀ سان خوش ٿئي.


۽ هو سوناري وانگر ويهي بني لاويءَ کي سون ۽ چانديءَ وانگي پاڪ صاف ڪندو؛ تہ هو سچائيءَ سان خداوند جي حضور نذرانا آڻين.


شل خداوند پنهنجو منهن تو ڏانهن ڦيرائي ۽ توکي سلامتي بخشي.


۽ پنهنجي جيءَ کي چوندس تہ ٻيلي، تو وٽ ججهو ئي مال پيو آهي جو گهڻيئي سال هلندو؛ هاڻي سکي ٿيءُ، کاءُ پيءُ، ۽ موجون ماڻ.


هاڻي هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هو، جو اُچا، واڱڻائي ۽ سنها ڪپڙا پهريندو هو، ۽ روز سٺا سٺا طعام کائيندو هو.


اهي قومن کي جبل ڏانهن سڏيندا؛ اتي هو سچائيءَ جون قربانيون پيش ڪندا: ڇالاءِ جو اهي سمنڊ جي ملڪيت، ۽ ريتيءَ ۾ لڪل خزانا حاصل ڪندا.


هاڻي ٻُڌو، اوهين جو چئو ٿا تہ اڄ يا سڀاڻ فلاڻي شهر ۾ وينداسين، ۽ هڪڙو ورهيہ اُتي وڃي گذارينداسين، ۽ واپار ڪنداسين، ۽ فائدو حاصل ڪنداسين:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ