5 راستبازيءَ جون قربانيون چاڙهيو، ۽ خداوند تي ڀروسو رکو.
5 اوهين شريعت مطابق پنهنجيون قربانيون پيش ڪريو، ۽ پنهنجي خداوند تي توڪل رکو.
۽ جڏهن ابي سلوم قربانيون پئي چاڙهيون تڏهن هن دائود جي صلاحڪار اخيتفل جلونيءَ کي سندس شهر مان، يعني جلوہ مان گهرايو. ۽ منصوبو وڌندو ويو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جو تعداد ابي سلوم وٽ وڌندو ويو.
پٽ کي چُمو، متان هو غصي ٿئي، ۽ اوهين واٽ ۾ ئي نابود ٿي وڃو، ڇو تہ هن جي ڪاوڙ جلد ڀڙڪو کائيندي. مبارڪ آهن اهي سڀيئي، جن جو ڀروسو هن تي آهي.
اي خداوند، منهنجو انصاف ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ايمانداريءَ سان هليو آهيان: مون خداوند تي پڪو ڀروسو رکيو آهي.
تون خداوند تي ڀروسو رکي ڀلائي ڪر؛ ۽ ملڪ ۾ رهي ايمانداريءَ سان هل.
خدا جي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهہ؛ ۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان پنهنجون مڃتائون پوريون ڪر.
پوءِ تون سچائيءَ جي قربانين، ۽ سوختني قرباني، ۽ پوري سوختني قربانيءَ ڪري خوش ٿيندين: ۽ هو تنهنجي قربانگاهہ تي ڍڳا چاڙهيندا.
اي قومون هر وقت انهي تي ڀروسو رکو؛ پنهنجي دل انهي جي اڳيان کوليو: خدا اسان جي پناهہ آهي.
خداوند مون کي هميشہ جي لاءِ رد ڪري ڇڏيندو ڇا؟ وري مون تي مهربان ڪين ٿيندو ڇا؟
اوهان ۾ ڪير آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو، ۽ هن جي بندي جو حڪم ٿو مڃي؟ جيڪو اونداهيءَ ۾ هلي ٿو ۽ روشنائي ڪانہ اٿس سو خداوند جي نالي تي ڀروسو رکي، ۽ پنهنجي خدا تي ٽيڪ ڏئي.
ڇالاءِ جو آءٌ خداوند عدالت کي پسند ٿو ڪريان، ۽ ڦرمار ۽ بي انصافيءَ کان نفرت ٿو ڪريان: آءٌ انهن کي سچائيءَ سان سندن عيوضو ڏيندس، ۽ آءٌ انهن سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس.
لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن اوهين انڌن جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ اُها ڪا بڇڙائي ناهي! يا جڏهن منڊي يا بيمار جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ انهي ۾ ڪا برائي ڪانهي! هاڻي اهي قربانيون کڻي پنهنجي حاڪم کي ڏي، تہ هو تو مان راضي ٿيندو ڇا؟ يا توکي قبول ڪندو ڇا؟
تنهنڪري جيڪڏهن تون پنهنجو نذرانو قربانگاهہ تي آڻي چاڙهين، ۽ اُتي ياد پويئي تہ منهنجي ڀاءُ جو مون ڏانهن ڪو رنج آهي،
اهي قومن کي جبل ڏانهن سڏيندا؛ اتي هو سچائيءَ جون قربانيون پيش ڪندا: ڇالاءِ جو اهي سمنڊ جي ملڪيت، ۽ ريتيءَ ۾ لڪل خزانا حاصل ڪندا.
تنهنڪري جيڪي خدا جي مرضيءَ موجب ڏک ٿا سهن، سي چڱو ٿا ڪن ۽ پنهنجا روح سچي خالق جي حوالي ٿا ڪن.