Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 4:3 - Sindhi Bible

3 پر ڄاڻي وٺو تہ خداوند ديندار کي پنهنجي لاءِ چونڊي رکيو آهي؛ جڏهن آءٌ خداوند کي پڪاريندس، تڏهن هو منهنجي ٻڌندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ نيڪ بندي کي خداوند پنهنجي لاءِ مخصوص ٿو ڪري ڇڏي، سو مون کي يقين آهي تہ هو منهنجي پڪار ضرور ٻڌندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 4:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند جا بندا اوهين کيس پيار ڪريو: خداوند ايماندارن کي بچائي ٿو، ۽ مغرورن کي پورو پورو بدلو ڏئي ٿو.


خداوند جون اکيون راستبازن تي آهن، ۽ سندس ڪن اُنهن دانهن جي لاءِ کليل آهن.


منهنجي واتان دانائيءَ جي ڳالهہ نڪرندي ۽ منهنجي دل جا خيال سمجهہ سان ڀرپور ٿيندا.


تہ منهنجي پاڪ بندن کي مون وٽ گڏ ڪريو؛ جن قرباني ڪري مون سان عهد ڪيو آهي.


جنهن ڏينهن آءٌ پڪاريندس تنهن ڏينهن منهنجا دشمن پٺ تي هٽندا: اها مون کي خبر آهي تہ خدا منهنجي پاسي آهي.


اي سڀ بدڪارو مون کان پري ٿيو؛ ڇو جو خداوند منهنجي روئڻ جو آواز ٻڌو آهي.


ظلم تي ڀروسو نہ رکو، ۽ ڦرمار ڪري مغرور نہ ٿيو: جيڪڏهن ملڪيت وڌي تہ انهي تي دل نہ لڳايو.


ڇالاءِ جو هاڻي ڪيئن خبر پوندي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي، ۽ تنهنجيءَ اُمت تي آهي؟ ڇا، اهو انهي مان ڪين معلوم ٿيندو تہ تون اسان سان گڏجي هلين، جنهنڪري آءٌ ۽ تنهنجي اُمت، سڀني قومن کان ڌار ليکجون؟


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، پر مون اوهان کي چونڊيو آهي، ۽ انهي لاءِ اوهان کي مقرر ڪيو اٿم تہ اوهين وڃي ڦل پيدا ڪريو، ۽ اوهان جو ڦل قائم رهي: تہ جيڪي بہ اوهين پيءُ کان منهنجي نالي گهُرو، سو هو اوهان کي ڏئي.


ڇالاءِ جو اسين سندس ڪاريگري آهيون، ۽ مسيح يسوع ۾ انهن چڱن ڪمن لاءِ خلقيا ويا آهيون، جي خدا اڳيئي اسان جي ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا.


تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


(تڏهن ثابت آهي تہ) خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندار کي آزمائش کان ڪيئن ڇڏائجي، ۽ بي دينن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ